ڳڙهي خيرو ۾ حددخلين هٽائڻ لاءِ آپريشن، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ

0
216

ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) ڳڙهي خيرو جي مين بازار ۾ حددخليون ھٽائڻ لاءِڳري مشينري سان آپريشن ڪيو ويو، دڪانن جا ڇپرا ، دڪا ۽ ريڙھا ھٽايا ويا ھئا. مختيارڪار ڳڙهي خيرو ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شھر مان حددخليون ھٽائڻ لاءِ شھرين کي ٽن ڏينهن جي مھلت ڏني ھئي دڪان ھيوي مشينري سان ڊاٺا ويندا. شھرين مختيار علي، غلام عباس ۽ ٻين دانھيو ته حددخلين جي آڙ ۾ بيروزگار ڪيو پيو وڃي. اڳ ئي شھر ۾ دنڌا تباھ لڳا پيا آھن ويتر انتظاميا دڪان ڊاھي معاشي نقصان ڏئي رھي آھي.