عثمان شاهه ويجھو ارغون ۽ مغل دور جو قبرستان کنڊر

0
263

عثمان شاھ ھڙي( ن پ ا ) عثمان شاهه ويجھو ارغون ۽ مغل دور جو قبرستان کنڊر ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ مغل ارغون دؤر جو تاريخي قبرستان 1034 ھجري کان ڳوٺ ميون ونھيون ۾ موجود  آهي جنهن ۾ ارغون ۽ مغل دؤر جي ماڻهن جون قرآني آيتن جي چٽساليءَ سان موجود ھيون پر ثقافت کاتي جي بي دياني ڪري قبرستان کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويو آهي، اتان جي مقامي ڳوٺاڻن نور محمد درس، محمد قاسم چانھيو، امداد درس عبدالغني درس ٻڌايو ته ھتي ھن تاريخي قبرستان ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو سھرو مرزا ارغون بيگ پڻ مدفون ٿيل آهي

ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ان دؤر جي ماڻهن جون تربتون آهن جن تي عربي زبان ۾ چٽسالي ٿيل آهي. علائقي واسين ڊي سي ٽنڊو الهيار ۽ ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته ڳوٺ ميون ونھيون جي هن تاريخي قبرستان جي صفائي سٿرائي ڪرائي قبرستان کي بچايو وڃي