ڳڙهي خيرو ويجھو درگاھه لعل شاھه بري جي زيارت تي آيل عورت قتل

0
191

ڳڙھي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ويجھو درگاھه لعل شاھه بري جي زيارت تي آيل عورت قتل ٿي وئي، مڙس سان گڏ آيل مسمات فوزيا کوسو کي اڻڄاتل جوابدارن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آھي. اطلاع ملڻ تي حد جي پنھون ڀٽي پوليس پھچي عورت جو لاش تحويل ۾ ورتو.

مقتول عورت جي مڙس سجاد کوسو جو چوڻ ھو تھ اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي، اسان سان ظلم ڪيو ويو آھي، بيگناھ زال کي قتل ڪيوويو آھي، جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.