ڳرن بلن سبب پريشان عوام لاءِ خوشخبري

0
481

ڪراچي(م ڊ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بجلي جي بلن کان پريشان عوام کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.

شبلي فراز ميِڊيا ان ڳالهائيندي عوام کي بجلي جي بلن ۾ 60 سيڪڙو تائين گهٽائي جي خوشخبري ٻڌائي آهي.

هن حوالي سان هن چيو آهي ته وفاقي حڪومت گهٽ خرچ ڪندڙ بجلي جا پکا، واٽر موٽرز ۽ ٻيون يون تيار ڪيون ويون آهن، نئين ٽيڪنالاجي سان ٺهندڙ پکا ۽ ٻيون شين جي استعمال سان 40 کان 60 سيڪڙو گهٽجي ويندو.

هن چيو آهي ته هن کان اڳ بجلي ضايع ٿيندي هئي پر نئين ٽيڪنالاجي سان ٺهندڙ مٽر بهتر ڪارڪردي سان هلندي ۽ بجلي به گهٽ استعمال ٿيندي، جنهن سان بجلي جي بلن ۾ واضح گهٽتائي ايندي.

شبلي فراز چيو آهي ته بچت ٿيل بجلي کي انڊسٽري ۽ ٻين شعبن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو، گهٽ بجلي استعمال ڪرڻ واريون شيون تيار ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي هئي، وزيراعظم جي هدايت آهي ته ٽيڪنالاني سان عوام کي فائدو ڏنو وڃي.