ڳالهيون ڳنوارن جون … قدرتي آفتن سبب انڊس ڊيلٽا ۾ تبديلين جا خوفناڪ اثر

0
195
ڳالهيون ڳنوارن جون ... قدرتي آفتن سبب انڊس ڊيلٽا ۾ تبديلين جا خوفناڪ اثر

 فطرت ۽ فطرت جا مظاهر ڏسڻ سان انسان جو دماغ کلي ٿو وڃي. پهاڙ، نئيون، ٻيلا، ميداني پٽ، رڻ، ٿر، نباتات، ندين جا ڇوڙ، سامونڊي درياهه (Creeks) سامونڊي ڪيٽيون، گپ وارا ميدان، پراڻا نوان بندرگاهه، مِٽي، آب نگاري، طبعي نگاري، جکڙ، طوفاني هوائون، سامونڊي طوفان (Cyclone) ۽ وڏا سامونڊي واچوڙا (Hurricane) وغيره، سڀ فطرتي مظاهر آهن. انهن سڀني جو مطالعو جاگرافي جي دائري ۾ اچي ٿو، جنهن جو بنياد جيالاجي تي آهي. ان مطالعي سان فطرت جا ڳجها راز معلوم ٿين ٿا ۽ پنهنجي وطن جي هر ڀاڱي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. ان آڌار تي وطن جي ترقي ۽ خوشحالي جا منصوبا جوڙي سگهجن ٿا. مصيبتن کي منهن ڏيئي سگهجي ٿو. اوهان کي اها ڄاڻ حاصل ٿيندي ته ڪيئن اسان جي وڏڙن انهن ندين تي وسنديون قائم ڪيون، پتڻ ٺاهيا ۽ آمد و رفت جون سهولتون بڻايون. انهن ندين جي ٻوڏ تي آباديون وڌيون. جبلن تي کيٽ ٺاهيا. بند گبر بند ٻڌا، ٽڪر ٽاڪي گهر ٺاهيا. ٿر ۾ برسات تي اوڀڙ اڀريا، جن تي مال چاريو ۽ فصل پوکي اناج اپايو. سامونڊي ڪنڌين تي بندرگاهه قائم ڪيا. وڏا ٻيڙا تيار ڪري دنيا سان واپار قائم ڪيو. هنن ڪيئن وڏن سامونڊي واچوڙن، زلزلن ۽ سامونڊي طوفانن کي منهن ڏنو. ان دور ۾ نه اهڙيون ڪئميرائون هيون، نه سيٽلائٽ جا فوٽو موجود هئا. هي جيڪو سامونڊي طوفان، جنهن کي بائيپر جواءِ جو نالو ڏنو ويو آهي، انڊس ڊيلٽا سان ٽڪرائجي رهيو آهي. اهڙن طوفانن ۽ زلزلن جي ڪري وڏا نقصان ٿيندا رهيا ۽ ڊيلٽا ۾ تبديليون اينديون رهيون. اهڙين آپدائن کي انهن لوڪن مڙسان مڙسي منهن ڏنو. هو هوائن جا رخ ڏسي موسمن جو حال ڄاڻي وٺندا هئا ۽ طوفاني خطرن کان اڳواٽ آگاهه رهندا هئا.

سنڌ جي اها تهذيب تمام پراڻي آهي. ان جي جاگرافي هر لحاظ کان يڪتا آهي، جنهن جي ڄاڻ شاگرد، استاد ۽ پروفيسر ته ٺهيو پر عام ماڻهوءَ لاءِ به ضروري آهي. جاگرافي ۽ جيالاجي ئي اسان کي ٻڌائين ٿيون ته عرب دور ۾ درياهه انڊس سسٽم مان نڪري، بکر کان اچي اروڙ جي اولهه طرف کان وهي، نصرپور جو اوڀر وارو پاسو ڏيئي، بڌڪا ٽڪر جي اوڀر طرف کان، منجاٻاڙي جو اولهه پاسو وٺي وڃي ڪوري ڪريڪ کان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. نصرپور کان مٿي ان کي مهراڻ ۽ هيٺ پڃاري درياهه جي نالي سان سڏيو ويندو هو.

انڊس ڊيلٽا جي فارميشن هزارين سال اڳي ٿي چڪي هئي. ان جي سونهن ۾ اضافو ٿيندو رهيو. انڊس ڊيلٽا جي فارميشن جو فارمولو ڊاڪٽر لارڊ مطابق هن ريت آهي، “درياهه ٽي سئو ڪيوبڪ فوٽ في سيڪنڊ جي حساب سان لٽ ڇڏي ٿو. ستن مهينن جي عرصي دوران اها لٽ ٻائيتاليهه ميل ڊگهو، ستاويهه ميل ويڪرو ۽ چاليهه فوٽ اتاهون هڪ ٻيٽ بڻائي سگهي ٿي. ڪناري سان سمنڊ جي اونهائي ٽيهه فوٽ آهي. لٽ جي ان مقدار پوڻ سان سمنڊ جو ترو پاڻيءَ کان ڏهه فوٽ مٿي بلند ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح ڪوبه ماڻهو سوَن بلڪه هزار سالن جو حساب لڳائي ڇوڙ واري علائقي ٺهڻ جو صحيح انومان ڪري سگهي ٿو”. (حوالو سنڌ جو مهراڻ ص 532)

سامونڊي ڪنڌيءَ وارن علائقن ۾ ڪريڪ سسٽم وجود ۾ اچي چڪو هو، جنهن جو پنهنجو شاندار نيٽ ورڪ هو. اهو اڄ به موجود آهي. افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته ان جو سائنٽيفڪ مطالعو اڃان تائين ڪونه ٿيو آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڪجهه ڪم ٿيو پر اهو به ڪلفٽن ڪريڪ، گذري ڪريڪ، ايسارو ڪريڪ ۽ گهارو ڪريڪ تائين. مطالعي دوران فقط سترنهن وڏين کاڏين جا نالا سامهون آيا، جيڪي اڳ ئي رڪارڊ تي موجود هئا. آئي يو سي اين، ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان ۽ ٻين اين جي اوز به انهن تي ئي اڪتفا ڪيو. اسان پنهنجي سفر دوران ابراهيم حيدري کان واڙي ڪريڪ تائين 150 درياهه دريافت ڪيا. اڃان کوڙ ساريون کاڏيون (Creeks) رهجي ويون. اڳتي اسان جي رسائي ڪانه ٿي سگهي. اهو هڪ ٿڪائيندڙ ڪم آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ وارن جو ته ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ٿو وڃي. انڊس ڊيلٽا ڄڻ سنڌ ۾ آهي ئي ڪونه.

درياهن جو رخ مٽائڻ، سامونڊي طوفانن ۽ زلزلن جي ڪري انڊس ڊيلٽا ۾ وڏيون تبديليون آيون. ڪوري ڪريڪ، جنهن صدين تائين هاڪڙي ۽ مهراڻ کي پنهنجي آغوش ۾ پئي ورتو، 1817ع واري خوفناڪ زلزلي ۽ 1819ع واري وڏي سامونڊي ٻوڏ ۾ ان جو منهن بند ٿي ويو. شاهبندر وارو وڏو بندرگاهه، جيڪو شاندار شهر هو ۽ سنڌ جي حڪمراني جو سامونڊي فوج جو اهم اڏو هو، اهو به ڦٽي ويو. 1837ع ۾ ڪوڪي واري نار ۽ کيدي واري نار نمايان ٿيون. 1867ع ۾ ڪوڪي واري نار لٽ پوڻ ڪري بند ٿي وئي. حجامڙو، جنهن کي اڳي سيان سڏيو ويندو هو، وجود ۾ آيو، جيڪو هڪ وڏي درياهي بندر طور ڪم ڪرڻ لڳو. گذري بندرگاهه تان واپاري جنگي ٻيڙا ڦٽي درياهه ۽ جوڻا درياهه وسيلي آمد ورفت ڪرڻ لڳا. (ماڻڪ پٿاوالا ص 48) حجامڙي نار تي ڪيٽي بندر هڪ اهم بندرگاهه بڻجي ويو. ان دور ۾ واپاري ٻيڙا سنڌو نديءَ ذريعي گدو بندر پهچندا هئا. ڪوٽڙيءَ کان مٿي به درياهه تي ڪيئي بندر يا تڙ پتڻ موجود هئا. سنڌو درياهه آمد و رفت جو اهم ذريعو هو. درياهه جي ڦليلي شاخ ڪنهن دور ۾ ڪوري ڪريڪ کان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ڪوري ڪريڪ جي بند ٿيڻ سان ان پاسي واري آبنگاري تباهه ٿي وئي. شاهبندر ۽ جاتيءَ جي وڏي ايراضي لوڻ جي ڪري برباد ٿي وئي. سير ڪريڪ کي جڙ قرار ڏنو ويو، جيڪا ڪوري ڪريڪ جي اولهه طرف هئي. عظيم شاڪرا يا ساڱرا ڍنڍ جو نالو مٽائي شڪور ڍنڍ سڏيو ويو. زيرو پوائنٽ جهڙا نوان نالا ايجاد ڪري فزيڪل جاگرافي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

سمنڊ ۾ درياهن جا ڇوڙ به مٽجندا رهيا آهن. ميجر جنرل هيگ وارا ڏسيل درياهه جا ست ڦاٽ، لوڻي بيئر، سباليسا، سپارا، چاريفران، ڪيريفران، سنٿان ۽ سگاپا هميشه لاءِ غائب ٿي ويا. اڄ انهن جو نالو نشان به ڪونهي. درياهه جي بگهاڙ شاخ جو ڇوڙ ريچل نار، شيشا نار، پئٽياڻي نار، کڏي نار، ۽ پٽي نار، وسيلي سمنڊ ۾ ٿيندو هو. ٻي شاخ گهاري وٽان سمنڊ ۾ داخل ٿيندي هئي. (Indus Delta Country Page:06) اهي سڀ ڦاٽ بند ٿي ويا. راورٽي جي مهراڻ آف سنڌ ۾ جيڪي درياهي وهڪرا ٻڌايا ويا آهن، اهي پڙهي هڪ دردمند دل اهو سوچي ٿي ته ڪيئن وسندڙ شهر، تڙ، پتڻ، ڀريا ڀڪليا بندرگاهه ۽ آباد زمينون ويران ٿي ويون. انڊس ڊيلٽا ۾ تبديلين جا سبب درياهن جا رخ مٽائڻ، مون سون ۾ سمنڊ جي طوفاني خاصيت، هن موسم ۾ لڳ ڀڳ ويهارو کن ميل سامونڊي پٽي ٽي چار ڀيرا غرق ٿي ويندي آهي. پوءِ جڏهن سمنڊ لهندو آهي ته پاڻيءَ جي تيز وهڪري جي ڪري ڍورا، نارون ٺهي پونديون آهن. سڄو علائقو گپ چڪ، واريءَ جي ڀِٽن، کاري جي ڍنڍن يا مرجاني حصي ۾ گهيريل کاري پاڻيءَ جي ڊهن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. درياهن جو گڏ ٿيل سلٽ سامونڊي وِيرون لوڙهي وينديون آهن. ڪٿي ڌٻڻيون ٺهي وينديون آهن. سامونڊي وِيرون جي کاڌ جي ڪري زمين سمنڊ ۾ هلي ويندي آهي. سڪندر جي آمد وقت ڊيلٽا جو منڊ پٽيالا تي هو، جتان درياهه ٻه درياهي ڪري ويو هو. هڪڙي شاخ ڏکڻ اوڀر ڏانهن ۽ ٻي شاخ ڏکڻ اولهه ڏانهن ويندي هئي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته پٽيالا حيدرآباد وٽ هو ۽ ڪي ٺٽو ٿا چون. پٽيالا ڪٿي به هو پر اڄ ان جو نالو نشان به ڪونه ٿو لڀي.

البيروني ڏکڻ اوڀر طرف ڪڇ ڏانهن ويندي جيڪو درياهه ڏٺو هو، ان کي سنڌ ساگر سڏيو ويندو هو. اڄ اسان کي ڪا خبر ڪانهي ته اهو درياهه ڪهڙو ۽ ڪٿي هو. پراڻ شاخ مشهور هئي. ان جي اولهه ۾ به وهڪرن جا ڪيترائي نشان موجود هئا. 1758ع ۾ نصرپور کان درياهه جو رخ مٽجڻ جي ڪري ريڻ شاخ به سُڪي وئي. ريڻ شاخ کان هيٺ گونگڙو هوندو هو، جيڪو وهي وڃي سيل ڪريڪ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. گونگڙي جي ڪناري ‘طور’ شهر آباد هو، جيڪو سومرن جي گاديءَ جو هنڌ هو، اهو چوڏهين عيسوي صديءَ ڌاري وهڻ بند ٿي ويو. ڊاڪٽر جي برنس مطابق 1762ع کان اڳ پراڻ جو ڍورو لکپت ۽ ڪوٽيسر کان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، اهو به بند ٿي ويو. سنڌوءَ جي اولهندي ڇاڙ تي 1699ع تائين لاهوري يا لاهري بندر تان جهاز راني ٿيندي هئي. هتي انگريزن جي واپاري ڪوٺي هئي. سمنڊ جي ڇوڙ وٽان 200 ٽن وزني جهاز اچي وڃي سگهندا هئا. اهو ۽ اهڙا ٻيا بندرگاهه ختم ٿي ويا. انهن جو احوال وري ڪنهن ٻئي مضمون ۾ ڏبو.