گورکو ويڙهاڪ رام سنگهه ۽ ٺارو شاهه ۾ ‘عشق جي اسيري’

0
345
گورکو ويڙهاڪ رام سنگهه ۽ ٺارو شاهه ۾ ‘عشق جي اسيري’

 ٺارو شاهه، ساهتي پرڳڻي جي دل سمجهي ويندڙ وسندي آهي. هي شهر پاڻ سان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سانڍي ساهه کڻي پيو. هن شهر ۾ ماسٽر چندر جو جنم ٿيو. گوبند مالهيءَ هن لاءِ ئي ڪتاب ‘ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون’ لکيو. ڪرشن کٽواڻيءَ جي شاهڪار ڪهاڻين ۾ جتي ورهاڱي جو درد نمايان آهي، اتي درد سان ٺارو شاهه کي ياد ڪري هو پڙهندڙن جي ڳلن تان لڙڪ قطارون ڪيرائي ٿو. عمر الدين بيدارَ، هر ڀيري ڪراچي وڃڻ لاءِ هن شهر جي جنڪشن تي ڪيتريون ئي راتيون گذاريون. بيدار جو مشاهدو ايترو ته زبردست هو، جو هن اتي ويٺي ئي ‘ٺارو شاهه جنڪشن’ جي نالي هڪ ناول لکي ورتو. ‘ٺارو شاهه جنڪشن’ اڄ به نه صرف شهر پر سڄي ساهتيءَ جو منظرنامو سنڀاليو ويٺو آهي.

                 جتي هن شهر ۾ انيڪ داستانن وجود ورتو، اتي انهن قصن ۾ رام سنگهه جي مام سان ڀريل آکاڻي پڻ موجود آهي. رام سنگهه، گورکا رائفلز جو رٽائرڊ سپاهي! 1986ع تائين هن کي شهر ۾ ڏٺو ويو ۽ پوءِ هو اوچتو اهڙو گم ٿيو، جو وري ڪنهن کي به نظر نه آيو! ايترا ورهيه وهامي ويا، ڪا خبر نه پئجي سگهي ته رام سنگهه ڪيڏانهن ويو؟

رام سنگهه جي حياتيءَ جي ڪهاڻي، جنگ ۽ امن جي چوڌاريءَ ڦري ٿي. نيپال جي ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ رام سنگهه سال 1940ع ۾ گورکا رائفلز ۾ سپاهيءَ طور ڀرتي ٿيو. 1947ع ۾ ورهاڱي وقت هن جي ڊيوٽي اولهه پنجاب ۾ سک پناهگيرن کي محفوظ طريقي سان اوڀر پنجاب جي پناهگير ڪئمپن تائين پهچائڻ جي هئي. ساڳي وقت گورکا رائفلز کي اهو حڪم پڻ ڏنو ويو ته هريانه، ميوات جي علائقن مان پنجاب پهتل مهاجرن کي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پهچايو وڃي. هن جي ڊيوٽي ٺارو شاهه ايندڙ ريل گاڏيءَ تي لڳي. ريل گاڏيءَ ۾ الائي ڇا هو، جو رام سنگهه ان وقت فيصلو ڪيو ته هاڻي هو ٺارو شاهه مان واپس نه ويندو! فوجي ڊيوٽيءَ جي ڊسپلين ۽ سختي هن کي سُجهي پئي، نتيجي ۾ هو ڪمپنيءَ سان صرف جسم کڻي واپس اولهه پنجاب ۾ پنهنجي ڪئمپ تي پهتو، باقي هو دل ٺارو شاهه ۾ ڪنهن وٽ امانت طور رکي ويو.

وڌيڪ ٻن سالن جي نوڪري ڪرڻ کانپوءِ سال 1949ع ۾ رام سنگهه ٺارو شاهه موٽي آيو. هن شهر ۾ هي اجنبي رهيو. پنهنجي حُليي جي ڪري هر ڪنهن جي نظر ۾ اچي ويو. هن کي انهن ڳالهين جي پرواهه نه هوندي هئي. ڀِريا واري رستي تي هن اريگيشن بنگلي ۾ رهائش اختيار ڪئي. اتي موجود انجنئيرَ، رام سنگهه کي بورچي ڪري رکيو. دنيا جو مڃيل ويڙهاڪ خطرناڪ گورکا رائفلز جو سپاهي هاڻي بورچي ٿي ويو. هن سڄي لقاءَ کي هڪ سِٽَ ۾ سمجهي سگهجي ٿو؛

هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ.

توهان کي ٻڌائيندو هلجي ته گورکالي نسل کي دنيا جي مارشل ريس ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. هو نهايت خطرناڪ ويڙهاڪ هوندا آهن. هنن جي حوالي سان هڪ چوڻي مشهور آهي ته، “جيڪڏهن توهان کي ڪير چوي ته هن کي موت کان ڊپ نه ٿو ٿئي، يا ته هو ڪوڙو آهي يا گورکو آهي”.

پهرين اينگلو- نيپاليز جنگ، جيڪا تاريخ ۾ ‘گورکا جنگ’ جي نالي مشهور آهي، ۾ گورکن جي ويڙهاڪ صلاحيتن کي ڏسي سر ڊيوڊ اوڪٽرلوني، گورکن کي برٽش آرميءَ ۾ ڀرتي ڪيو. 24 اپريل، 1815ع تي گورکا ريجمنٽ جي پهرين بٽالين وجود ۾ آئي. بعد ۾ ان ريجمنٽ ‘گورکا رائفلز’ جي نالي سان ڪنگ جارج جي ماتحت ڪم شروع ڪيو. گورکن جي بهادريءَ کي ڏسندي سڄي هندستان ۾ انگريزن انهن کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. جيڪڏهن ائين چئجي ته 1857ع ۾ هندستان جي فوجي توڻي سولين ماڻهن جي طرفان شروع ڪيل جنگ آزادي، جنهن کي انگريزن بغاوت جو نالو ڏنو، کي ختم ڪرڻ ۾ برٽش آرميءَ اندر گورکن جو وڏو ڪردار آهي، ته به غلط نه ٿيندو. ان کان علاوه ٻين اينگلو- سک جنگ ۽ افغان جنگين ۾ گورکا، انگريزن طرفان بي جگريءَ سان وڙهيا. گورکن جي ويڙهه واري صلاحيت کي ڏسي انگريز، مسلسل گورکن جي تعداد کي فوج ۾ وڌائيندا رهيا. ٻين عالمي جنگ ۾ جهڙي ريت گورکا سڄي دنيا ۾ برطانيا سرڪار جي طرفان وڙهيا، فوجي تاريخ ۾ اهو به اهم رهيو آهي.

ننڍي کنڊ مان انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ گورکا هندستاني فوج جو حصو ٿي ويا. هن وقت ڏهه گورکا رائفلز مان ڇهه هندستاني فوج جو حصو آهن، باقي برٽش آرمي، مليشيا ۽ برونائي ۾ ڪم ڪن پيا.

دنيا ۾ گورکا سپاهي جنگ جو اهڃاڻ بڻيل آهي، پر اها صورتحال ٺارو شاهه ۾ تبديل ٿي وئي، جڏهن گورکي سپاهي رام سنگهه فوج جي نوڪري ڇڏي جنگ بجاءِ امن جي چونڊ ڪئي. رام سنگهه جو معمول هو ته صبح جو سائيڪل تي چڙهي شهر جي ڀرسان باغن مان نم جا ڏندڻ ۽ گلاب جا گل پٽي، شهر جي دڪانن تي ڏيندو هو. هن ڪڏهن به ان جو معاوضو نه ورتو. شهر جي تاريخ جو اکين ڏٺو شاهد عبدالرحيم خانزادو ٻڌائي ٿو ته: “رام سنگهه ڏاڍو نفيس ماڻهو هو. گهٽ ڳالهائڻ وارن مان…..” هو اڪثر شهر جي ڀرسان ڳوٺن ۾ نڪري پوندو هو. مونکي چڱي ريت ياد آهي ته هو اسان جي ڳوٺ دليپوٽا ۾ به اڪثر ايندو هو. اتي شرارتي ٻار هن کي ‘گورکو- گورکو’ ڪري تنگ ڪندا هئا، پر هن ڪڏهن به ڪنهن کي ڪجهه نه چيو. هن جي اکين ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون هيون. پَن جي ٻيڙيءَ جا ڊگها ڪش هڻندڙ رام سنگهه کي هاڻي جڏهن ياد ڪريان ٿو ته حسن درس جون هي سِٽون سامهون اچن ٿيون:
عمر جي آڱرين سان ڏس، ڦلن وانگر ڇڻون ٿا پيا،

سڄڻ سگريٽ سستي جيئن سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو.

شهر جي ماڻهن کان هاڻي هو وسري ويو آهي. بس ڪجهه ماڻهن کي ياد آهي ته، ”ها، هڪ همراهه هوندو هو، جيڪو روز شهر ۾ نم جا ڏندڻ ۽ گلاب جا گل ورهائيندو هو”.

هن کي ياد ڪرڻ وارن مان بابو اسلم فوجي به آهي، جنهن وٽ به رام سنگهه جون ڪجهه ساروڻيون آهن. انهن ساروڻين ۾ گورکو سپاهي، هڪ پراسرار شخص جو روپ رکي ٿو. هن جو اچڻ ۽ وري وڃڻ سڀ ڪجهه اسرار سان ڀريل آهي. ڪجهه شيون سمجهه ۾ اچن ٿيون. انهن  مان هڪ هيءَ به آهي ته اها ڪهڙي طاقت آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي ايترو مجبور ڪري ٿي. جواب ‘محبت’ کانسواءِ ڪجهه ناهي. هن جي باري ۾ سوچي، ماڻهن کان معلوم ڪري مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته رام سنگهه محبت جو اسير هو. هن جو هر عمل محبت ئي هو. ٻڌائڻ وارا ته ايترو  به ٻڌائين ٿا ته جنهن ڏينهن رام سنگهه غائب ٿيو، ان ڏينهن شهر ۾ هڪ عورت گذاري وئي هئي.