ڳالهيون ڳنوارن جون … عالمي رڪارڊ ۾ سنڌي سماج کي رجسٽر ڪرايو!

0
298
ڳالهيون ڳنوارن جون ... عالمي رڪارڊ ۾ سنڌي سماج کي رجسٽر ڪرايو!

 سنڌي معاشري جي جيڪا به هڙ کوليون ٿا، اندران رڳو اڳڙيون ٿيون نڪرن. ابتر معاشرتي حالتن ۾ جيئڻ، ٻچا پالڻ ۽ سنڀالڻ هاڻ ٻانهڙ تري درياهه پار ڪرڻ ٿي پيو آهي ۽ ٻانهن ۾ ٻَل ڪونهي، کنڀڙاٽيون کوهجي ويون آهن. اڳي جوانن جي سر تي هئي، هاڻ معصوم ٻارڙا ڪٺا پيا وڃن. هر دردمند دل دلهول ۾ آهي ته آخر ان صورتحال جي پڄاڻي ڪيئن ۽ ڪٿي ٿيندي؟ معاشي ۽ اقتصادي صورتحال بابت حڪمراني ڪندڙ ٽولي طرفان اڳي ايٿوپيا جا مثال ڏنا ويندا هئا ۽ هاڻ سريلنڪا سان همسري ڪئي پئي وڃي. اسين ڏڪاريل ڏيهه جا ڏڪاريل رهواسي ٿي پيا آهيون. بظاهر دنيا ريهان کيهان آهي پر اسان لاءِ، “ڏکي توءِ ڏڪار، توڙي وسن مينهڙا” واري ڪار آهي. جياپي جا سمورا دڳ بند ٿيندا پيا وڃن. ڪو زمانو هو، سريلنڪا يا سرانديپ جو ٻيٽ سڄي دنيا ۾ سون جي واپار کان مشهور هو. سنڌ جا سوداگر ٻيڙا ڪاهي سون خريد ڪرڻ لاءِ سريلنڪا ويندا هئا.

لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهرئا،

سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين،

پرهه پڳهه ڇوڙئا، کاري کيڙائن،

وڏي ڀاڳ ڀڙن، جي ڪهيا ڪارونڀار ڏي (لطيف)

۽ اڄ سريلنڪا جون ڳالهيون ٻڌي لڱ ڪانڊارجيو وڃن. هتي پنهنجي چمن جي روءِ داد ڏسي ڪانڊارجڻ بجاءِ، لڱ ڏڪڻ ٿا لڳن. سڄو ڏينهن دٻلين تي سوشل ميڊيا پويان ڊوڙڻ وارا سٻاجهڙا سنڌي! صبح جو سوير ڪا سنڌي اخبار کولي پڙهي ته ڏس. ڪنڌڪوٽ- ڪشمور پاسي ڪسڻ جو ڪوپ نظر ايندئي. بيگناهه ناريون ڪسجي رهيون آهن. قبيلائي جهيڙن جي بهاني لاشن تي لاش پيا اچن. ٻيلا، جتي جهنگلي جيوت جو آساس هو، جتي معصوم ڦاڙها ٿمن ۾ ٿاڪ ڪيو پيا اوڳر ورائيندا هئا، جتي ميهارن جون مينهون ڀتر، ٻوڙي ۽ چاهڪ چرندي ۽ پور پوندي ڏسبيون هيون، جتي ٻڪرارن جون ٻڪريون نرا ڏيئي پيون پلڙا پٽينديون ۽ ڪامهن چرنديون هيون، اتي ڌاڙيوالن جا ڌڻ، مستقبل کان مايوس، سنڌ جو سوڍاڻو نسل، پاڻ کي، پنهنجي راڄ ڀاڳ کي، بلڪه سڄي سنڌي سماج کي برباد ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺل نظر ايندو. انهن ئي اخبارن ۾ وچولي ۽ لاڙ جي شهرن تي آبادي جو دٻاءُ، اڻاسائي، بدامني ۽ سماجي مسئلن جي ڀرمار نظر ايندي. ڪاڇي، لاڙ ۽ ٿر ۾ بک، بيروزگاري، ۽ غربت ڪاريهر وارا ڪر کنيو بيٺل نظر ايندي. توکي سڄي خبر پئجي ويندي ته تنهنجي ڪهڙي بازار آهي؟ تون بيٺو ڪٿي آهين؟ تو وٽ هڙ ۾ آهي ڇا؟ ڪنهن به قوم جي تهذيب جڙڻ ۾ صديون لڳنديون آهن پر ڊهڻ ۽ فنا ٿيڻ ۾ ٿورو عرصو درڪار هوندو آهي. ڪيئي تهذيبون دنيا مان ختم ٿي ويون. اڄ انهن جو نالو نشان به ڪونهي. دنيا جي برک ڏاهن ۽ سماجيات جي عالمن جڏهن سماجن جو مطالعو ڪيو ته سندن مٿي تي هٿ اچي ويا. مشهور تاريخدان ٽوئن بي لکي ٿو ته لڳ ڀڳ مُني صدي اڳ انهن عالمن رڪارڊ رکڻ لاءِ دنيا جي سماجن جي ڳڻپ ڪئي ۽ 650 سماج رجسٽر ڪيا. مونکي اها خبر ڪانهي ته ان ڳڻپ ۾ سنڌي سماج جو نالو به رجسٽر ٿيو يا نه. اسان جي مادر علمين جا سوشالاجسٽ پروفيسر، جيڪي بين الاقوامي سوشل آرگنائيزيشنس جا ميمبر به آهن، ان بابت، ڪا معلومات رکن ٿا؟ جيڪڏهن سنڌي سماج رجسٽر نه آهي ته لکپڙهه ڪري ان کي ضرور رجسٽر ڪرايو وڃي. بي خبري ڪو بهانو ڪونهي. دنيا جي سمورين تاريخن ۾ مصري تهذيب جو نالو مهڙ ۾ کنيو ويندو آهي. مصري تهذيب تي ڪم ڪندڙ پروفيسر فلنڊرس پيٽري مصري تهذيب کي 10 هزار سال پراڻي ڄاڻايو آهي. هو سٺا ڪنڀار هئا. ٿانوَ ٺاهي ڄاڻندا هئا ۽ پٿر تراشي ان مان اوزار به ٺاهيندا هئا پر ڪپڙو اڻي ڪونه ڄاڻندا هئا. ڪپڙي اڻڻ جو هنر دنيا کي سنڌ مان مليو. سر جان مارشل سنڌ جي تهذيب 5000 سال پراڻي ڄاڻائي هئي، جڏهن موهن جي دڙي جا 6 تهه اڃان کوٽجي نه سگهيا هئا. ڪن ٻين عالمن جي راءِ هئي ته اهي تهه کوٽجڻ کان پوءِ پڪ آهي ته ان تهذيب جي قدامت 10 هزار سالن کان 15 هزار سالن تائين وڃي پهچندي. عالمن کي سنڌي سماج ۽ مصري سماج ۾ ڪافي هڪجهڙائي نظر آئي. مصري سماج جي جياپي جو آڌار نيل ندي آهي. هتي سنڌ ۾ سنڌين جي جياپي جو آڌار ۽ آبرو سنڌو ندي آهي. نيل ندي جو ڇوڙ ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ٿيندو آهي ۽ اتي جيڪو نيل ڊيلٽا ٺهيو، اهو مصرين لاءِ قدرت طرفان هڪ تحفو آهي. هتي سنڌو نديءَ جي سنڌي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سان جيڪو انڊس ڊيلٽا وجود ۾ آيو، اهو نه فقط سنڌين پر هاڻي پوري پاڪستان، بلڪه سڄي دنيا لاءِ فخر جو باعث آهي. آرين سنڌو نديءَ جا گيت ڳايا. مصرين به نيل نديءَ لاءِ عقيدت جو اظهار ڪيو. اهڙا ڀڄن آبي ٻوٽي Cyperus Papyurs مان تيار ڪيل ڪاغذ، جيڪو قديم مصر ۾ لکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، تي لکيل آهن. “اسين تعظيم ٿا ڪريون تنهنجي اي هيپي (نيل درياهه، نيل ديوتا) تو امن سان اچي مصر کي رهڻ لائق بڻايو. تو سورج ديوتا جي خلقيل ميدانن تي پاڻي پهچايو. تو جانورن کي زندگي ڏني. تو جنت مان نڪري هر ڪنهن کي پاڻي پهچايو، اناج اپايو. تون ڌرتيءَ تي ظاهر ٿيندي آهين ته ڌرتي اڇلون ڏيڻ لڳندي آهي. ماڻهو خوش ٿيندا آهن. تنهنجي ڪري ماڻهن کي کاڌو ۽ گوشت ملي ٿو. تنهنجي ڪري ساوڪ، سبزي، اناج ۽ ٻوٽا ٿين ٿا”. ان ڪاغذ جو هڪ رول برٽش ميوزيم ۾ رکيل آهي، جيڪو 135 فوٽ ڊگهو ۽ 17 انچ ويڪرو آهي. مصر ۾ ڪپهه اپائي ويندي هئي. سنڌ ۾ به بهترين ڪپهه جي پيداوار ٿيندي هئي. ان مان جيڪو ڪپڙو ٺهندو هو، اهو “دل مون” جي نالي سان دنيا ۾ مشهور هو. پراڻي مصري لکيت شڪلين ۾ موجود آهي. موهن جي دڙي واري اسڪرپٽ به شڪلين واري آهي. بدقسمتيءَ سان اسين سنڌي اڃان تائين اها پڙهي نه سگهيا آهيون. 1922ع ۾ انڊين باٽنيڪل سوسائٽي جي مسٽر اي بليٽر ۽ ان جي ساٿين انڊس ڊيلٽا ۽ نيل ڊيلٽا جي وڻڪار (فلورا) جو تقابلي جائزو ورتو هو. ان تي ڪنهن ٻئي مضمون ۾ بحث ڪنداسين. مصرين ممين ٺاهڻ واري ڪيميڪل جو هنر ڪيئي صديون دنيا کان لڪائي رکيو ۽ نيٺ انهن کان به گم ٿي ويو. بهرحال مصري سماج هر لحاظ کان دنيا کان آڳرو ۽ آڳاٽو تسليم ڪيو ويو. اهو شاندار مصري سماج جمال ناصر تائين جيئڻ جي جدوجهد ڪندو رهيو. سنڌي سماج، جنهن ۾ امن هو. اهڙا گياني داني سخي سرواڻ موجود هئا، جن سخاوت جا مثال قائم ڪيا. ماڻهن ۾ وطن جي حفاظت جي اون هئي. جن ايرانين، منگولن ۽ دهلي جي لشڪرن سان وڙهندي بي مثال ڪارناما سرانجام ڏنا، اهو سماج سمن جي دور کان پوءِ زوال پذير ٿيڻ شروع ٿيو. ڀڄندو ڀُرندو رهيو ۽ ان جي اڄوڪي حالت اوهان جي اڳيان آهي.