گھوٽڪي پوليس جو جرنلسٽ پروٽيڪشن بل کي چئلينج….!!

0
244
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

شاهد ميراڻي ڪراچي مان لکي ٿو

جيتوڻيڪ قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي صحافين جي حقن ۽ کين تحفظ ڏيڻ جي حوالي سان جرنلسٽ پروٽڪشن بِل منظور ڪيو آهي، پر اهڙو بِل منظور ٿيندي ئي سنڌ حڪومت جي ماتحت گھوٽڪي پوليس ايوانن مان اڪثريت راءِ سان منظور ٿيل اهڙي بِل کي ڄڻ ته چئلينج ڪندي اهڙي ڪارروائي ڪري ڏيکاري آهي جنهن ۾ سِڌي ريت ان بِل کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي! سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي مان پاس ٿيل جرنلسٽ پروٽيڪشن بِل تحت صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن کي آئين جي آرٽيڪل 9 تحت اهو حق حاصل آهي ته قلم ڌڻي تڪراري علائقن ۾ به ڪم ڪري سگھن ٿا، صحافين کان خبر جا ذريعا به ڪو پُڇا ڪري نه ٿو ڪري سگھي، کين ڪو ٽارگيٽ يا حراسان به نه ٿو ڪري سگھي، ڄاڻايل بِل تحت صحافين کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ ڪميشن جوڙڻ سان گڏوگڏ جرنلسٽ ويلفيئر اسڪيم به شروع ڪئي ويندي. بهرحال اهڙي بِل جي ايوانن مان منظوري کانپوءِ اڃان صحافين کي سياستدانن پاران مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو هلندڙ ئي هو ته ان دوران سنڌ حڪومت جي ماتحت ڪم ڪندڙ گھوٽڪي ضلعي جي پوليس اهڙي بِل کي مڃڻ کان انڪار ڪندي ڪوريج دوران قلم ڌڻين تي ڪڙڪي پئي ۽ کين وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، ميرپورماٿيلو ٿاڻي جي حد ۾ برف ڪارخاني روڊ تي ميرپورماٿيلو جي پوليس پاران ڪالهه هڪ خانگي ٽارچر سيل جو انڪشاف ٿيو، اهڙو انڪشاف ڪندڙ “ٽائيم نيوز” ۽ “پنهنجي اخبار” جي رپورٽر برڪت ميراڻي ۽ ٻين صحافين پاران ڪوريج ڪئي پئي وئي ته نه رڳو ميرپورماٿيلو پر ڀرپاسي جي پوليس جا اٽالا ڪيترين ئي پوليس موبائيلن تي سوار ٿي واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ صحافين کان موبائيل فون کسي کين بي رحم تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کين موبائيلن ۾ وجھي تذليل جو نشانو بڻائڻ بعد کنڀي کڻي ويا. پوليس جي اهڙي بي رحم تشدد دوران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جو رپورٽر برڪت ميراڻي ۽ ساڻس گڏ هڪ ٻيو صحافي لطيف وسير سخت زخمي به ٿيا، تشدد دوران لطيف وسير سيني ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ئي بيهوش ٿي ويو، جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ موبائيل ۾ کڻي وڃي رستي تي ڦٽو ڪري اهلڪار فرار ٿي ويا، ان کان اڳ ئي برڪت ميراڻي کي موبائيل مان لاٿو ويو هو.
معاملو ڪجهه هن ريت پيش آيو ته خانگي جاءِ تي پوليس ڪيترن مهينن کان قائم ڪيل ٽارچر سيل ۾ اهڙا ماڻهو باندي بڻائي هٿڪڙيون هڻي ويهاريندي هئي جن تي ڪي به ڪيس داخل نه هوندا هئا، ٽارچر سيل تي جڏهن صحافي پهتا ته ان وقت ئي هٿڪڙيون لڳل 2 نوجوان ٻڌل هئا جن تي ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي پوليس جو تشدد ڪيو پئي ويو، ناحق باندي بڻايل نوجوانن جون صحافين ويڊيوز به ٺاهيون جن تي انسانيت سوز تشدد ٿيل هو، نوجوانن جي ويهڪ واري جاءِ تي بدترين تشدد جا نشان هئا. نوجوان روئيندا رهيا،جڏهن پوليس جيخانگي ٽارچر سيل جو صحافين کي اطلاع مليو ۽ اهي ان جي ڪوريج ڪرڻ پهتا ته اهي صحافي به پوليس اهلڪارن جي تشدد جو شڪار بڻيا.
ٻڌايو پيو وڃي ته گھوٽڪي ۾ پوليس جا خانگي ٽارچر سيل ورهين کان وٺي قائم ٿيل آهن، پوليس جي هر ٿاڻي جو هڪ ٽارچر سيل موجود آهن، جن جي نگراني لاءِ به 2_2 اهلڪار مقرر هجن ٿا، منظرِ عام تي آيل ٽارچر سيل ۾ به قيدين تي پهرو ڏيندڙ ٻن ڪارن ڪپڙن واري اهلڪارن کي واضح ڏسي سگھجي ٿو. ڪالهه جڏهن معاملو سامهون آيو ته ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل پاران اهو مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو ته ڪٿي به ٽارچر سيل موجود ناهن، پر اهو ڪيئن مڪن آهي ته پوليس جو “هاءِ ڪمان” پوليس پارٽي جي اهڙي پريڪٽس کان بي خبر هجي؟ پر سچ پچ به جيڪڏهن هُو ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز جي اهڙي حرڪتن کان واقف ناهي ته پوءِ سندس قابليت ڪيتري نه سواليا نشان بڻجي وڃي ٿي؟ ڇاڪاڻ ته جڏهن هُو اهڙي معاملن کان به واقفيت نه ٿو رکي ته پوءِ ڏوهاري عنصرن کان ڪهڙي طرح واقف هوندو؟ اهي سڀ سوال ايس ايس پي گھوٽڪي جي جوابن جا منتظر آهن.
گھوٽڪي ضلعي جي صحافين پاران جڏهن پوليس جي اهڙي بي رحماڻي تشدد خلاف ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو ته پوءِ ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي صحافين تي تشدد واري واقعي ۾ملوث ايس ايڇ او خالد ميمڻ کي رورٽ ڪري سي پي او سنڌ ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اعليٰ اختيارين کي سفارش ڪئي ته ڄاڻايل ايس ايڇ او مٿين گريڊ ۾ ترقي جي به قابل ناهي. ڊي آءِ جي سکر جو اهڙو حڪم نامو به بهتر عمل آهي پر ايس ايس پي گھوٽڪي کي گھرجي ته غيرقانوني طور تي خانگي ٽارچر سيل هلائيندڙ ايس ايڇ او ۽ ٻين ملوث عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، صحافين تي تشدد واري معاملي جو به ملوث اهلڪارن ۽ آفيسرن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گھرجي. پوليس پاران شروع ڪيل جاچ به شفافيت جي بنياد تي مڪمل ڪري پبلڪ ڪئي وڃي جيئن صحافين سان انصاف ٿي سگھي.