گڏيل عرب امارات سميت مختلف ملڪن ۾ اڄ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي

0
182
گڏيل عرب امارات سميت مختلف ملڪن ۾ اڄ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي
گڏيل عرب امارات سميت مختلف ملڪن ۾ اڄ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي

ڪراچي: گڏيل عرب امارات سميت مختلف ملڪن ۾ اڄ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، دنيا جا سڀ کان وڏا عيد نماز جا اجتماع مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي ۾ منعقد ڪيا ويا، جتي لکين مسلمانن عيد جي نماز ادا ڪئي

 سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت پاران عيدالفطر جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ ملڪ جي 20 هزار 700 مسجدن  ۽ عيدگاهن ۾ انتظام ڪيا ويا

خادمين حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز دنيا جي سمورن مسلمانن کي عيد جون واڌايون ڏيندي چيو ته عيد جو ڏهاڙو خطي ۾امن، سڪون ۽ اطمينان جي خوشخبري کڻي آيو آهي

هي به پڙهندا

سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، اڄ عيد ملهائي ويندي