گُگُ سماج

0
92
تعصب ختم ڪرڻ جو عالمي ڏينھن

اسان جي سماج ۾ ھڪ طرف چئوماسي جو برپا ڪيل ماحولياتي ھاڃو جيئن جو تيئن وائڙو بيٺو آھي جنھن تي ڄڻ انڌي سماج جي ڪا نظر ئي نٿي پئي.

                 ھتي نيولبرل سرمائيداريءَ ۽ جاگيرداريءَ جو عجب انوکو امتزاج آھي، جتي دانھن ڪندڙ به اصل ۾ ڦورن منجهان آھن پر اھڙيون ھانءُ ڦاڙيندڙ دانھون پيا ڪن جو ڦرجندڙ به “گُگُ” ٿي ويا آھن.

                 مٿئون وري شوقين! اھي وري انھن انڌن جي پوئيواري ڪندي نٿا ٿڪجن جن نَوَ نَوَ ٻار ڄڻيا آھن ۽ وڏي ٻار جي عمر آھي “يارھن” سال. سماج جي اھڙي بيحسي ۽ مجرماڻي غفلت تي وري چندو ڪري ايئن مٽي پياوجهن جيئن ڳوٺاڻي ڇوڪري اڱڻ ۾ پيل گند تي مٽيءَ جو ٻڪ وجهندي آھي.

                 ڦيراٽي کاڌل سماجن جا مثالي ڪردار به ڦيراٽيون کاڌل. اڄڪلهه ھڪ ٻار جي تصوير سوشل ميڊيا تي گردش پئي ڪري جنھن ۾ ھڪ ڇوڪريءَ کي مزدوري ڪندي ڏيکاريو ويو آھي ۽ پڻس به بيشرميءَ سان نمودار آھي. عنوان وري اٿس “سنڌ جاڳي پئي”

مونکي پنھنجو شعر ياد تي تري آيو.

“ڏاڏي وئي

ڏندڻجي

پوٽن سمجهيو

مرڪي پئي”

ڪراچيءَ جي بلدياتي اليڪشن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۾ پيپلزپارٽيءَ جي سرسي، جماعت اسلاميءَ جو رويو جيڪو مسئلو نج “سياسي بنياد پرستي” آھي ان کي ھروڀرو لساني رنگ پيا ڏين.

ڪالهه تائين پيپلزپارٽي سنڌ دشمن سياسي جماعت جو راڳ ڳائيندڙن کي اڄ ياد آيو آھي ته ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابي اصل ۾ سنڌين جي ڪاميابي آھي.

ٻيا وري حيدرآباد شھر ۽ ڊويزن جي بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي سرسيءَ کي عوام جي جھالت ثابت ڪرڻ ۾ رڌل آھن.

انھن گُگُ ٿيلن سان شايد اھو ڪم ڪرڻو پوندو جيڪو دايون ڄم مھل نئين ڄاول “ٻٽيل” ٻار سان ڪنديون ھيون.