گهوڙِي کي ڪاوڙ اچي وئي، گهوٽ کڻي فرار

0
358

ڪراچي(م ڊ) شادين جي ڪاڄ ۾ منفرد ۽ دلچسپ قسم جا واقعا ڏسڻ ۾ ايندا رهندا آهن، جن مان ڪجهه ڪيميرا جي اک ۾ به محفوظ ٿي ويندا آهن، ائين ئي هڪ دلچسپ واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، گهوڙي ۾ سوار گهوٽ کي پنهنجي ئي شادي ۾ نه چاهيندي به ڀڄڻو پيو، اهو ڀلا ڪيئن،؟ ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر اجمير ويجهو رام پوره ڳوٺ ۾ گهوٽ کي ويهارڻ لاءِ گهوڙو گهرايو ويو، جنهن تي گهوٽ ويهي ڪنوار جا خواب ڏسي رهيو هو ته ان دوران شرارتي ٻارڙن گهوڙي کي ڪاوڙ ڏياري ڇڏي، ڀارتي ميڊيا موجب شرارتي ٻارڙن گهوڙي جي ويجهو وڃي پٽاخا ڦاڙيا، جنهن تي گهوڙي کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ گهوٽ سوڌو فرار ٿي ويو، تقريب ۾ موجود مهمانن گهوڙي کي ڏاڍي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر گهوڙو ڪنهن جي قابو ۾ نه آيو ۽ 4 ڪلو ميٽر جي ڊوڙ لڳائڻ بعد گهوڙِي کي قابو ڪيو ويو، پر خوش قسمتي جي ڳالهه اها آهي ته ان دوران گهوٽ کي ڪنهن به قسم جو ڪو به نقصان نه پهتو.