جھرڪ ويجھو جوڙي ڪلري بگھاڙ واھ ۾ مبينا ٽپو ڏئي ڇڏيو

0
252

ٺٽو (ن پ ا) جھرڪ ويجھو هڪ جوڙي ڪلري بگھاڙ واھ ۾ مبينا طور تي ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، ڳوٺاڻن ناري کي بچائي ورتو، نوجوان جي ڳولا جاري آھي، جھرڪ ويجھو ڳوٺ اونگر جي ناري ثمينه ۽ بوتو مڪان واسي نوجوان دلشاد خاصخيلي گھران کوسا ڳوٺ ويجھو ڪلري بگھاڙ واھ ۾ مبينا طور تي ٽپو ڏئي انت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ڳوٺاڻن ناري کي بچائي ورتو جڏهن ته نوجوان جي ڳولا جاري آھي، بچي ويل ناري ثمينه ٻڌايو آهي ته هن ۽ دلشاد خاصخيلي واھ ۾ گڏيل طور تي ٽپو ڏنو آهي کيس ڳوٺاڻڻ بچائي ورتو ۽ دلشاد واھ ۾ ٻڏي ويو آهي.