برن(انٽريسٽنگ نيوز) گهوٽ ۽ ڪنوار شادي کي يادگار بڻائڻ لاءِ برف جي سر ۾ بند ٿي ويا، تصوير ۽ وڊيوز وائرل ٿي ويون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سوئٽزرلينڊ ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار پنهنجي شادي کي يادگار بڻائڻ لاءِ انوکو منصوبو تيار ڪيو جنهن نه رڳو عزيزن ۽ دوستن کي پر دنيا کي به حيران ڪري ڇڏيو، جوڙي شادي جي تقريب لاءِ برفاني جبلن جي چونڊ ڪئي، گهوٽ ۽ ڪنوار برف جي سر ۾ بند ٿي تقريب ۾ پهتا ته ڄاڃي حيرت ۾ پئجي ويا، شادي جي اها تقريب برفاني جبلن جي 22سئو ميٽر جي اوچائي تي رکي وئي هئي، سوشل ميڊيا تي گهوٽ ۽ ڪنوار جي تصوير ۽ وڊيو وائرل ٿي ويون، جنهن تي صارفين پاران زبردست واکاڻ ۽ دلچسپ تبصرا ڪيا ويا.