گهوٽڪي ۾ ڳوٺاڻن کي مبينا بليڪ ميل ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

0
610
پوليس عملدارن خلاف ڪيس داخل
گهوٽڪي ۾ ڳوٺاڻن کي مبينا بليڪ ميل ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

گهوٽڪي جي عدالت ڳوٺاڻن کي  بليڪ ميل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ جي الزام هيٺ آيل پوليس عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالتي حڪم باوجود ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار تي متاثر ڌر احتجاج ڪيو آهي

گهوٽڪي جي عدالت اي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منشي ۽ سٽي انچارج سميت ٽن عملدارن مٿان ڳوٺاڻي تي تشدد ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو ُحڪم ڏنو

ڳوٺ جيوڻ ڪولاچي جي رهواسي منٺار علي ڪولاچي پنهنجي وڪيل معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته اي سيڪشن گهوٽڪي ٿاڻي جو وڏو منشي ياسر چاچڙ، سٽي انچارج نياز چنا ۽ الھه بخش جسڪاڻي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦسائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيا آهن

عدالت درخواستگذار جي اهڙي داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڄاڻايل پوليس عملدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڳوٺاڻن موجب عدالتي حڪم باوجود اي سيڪشن ٿاڻي تي ڄاڻايل پوليس عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي، پوليس عملدار ٻڌائين پيا ته اسان هاءِ ڪورٽ مان اسٽي ورتو آهي

هوڏانهن ڳوٺ جيوڻ ڪولاچي، راجو ڪولاچي، سونهارو ڪولاچي ۽ مبارڪ ڪولاچي جي رهواسين  منٺار علي ڪولاچي، نياز ڪولاچي ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته پوليس عملدار ياسر چاچڙ، نياز چنا ۽ ٻيا ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ هاف فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

هنن آءِ جي سنڌ، وڏي وزير مراد علي شاهه، چيف جسٽس ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڄاڻايل پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي

هن کي به پڙهندا

علي گوهر مهر، راجا مهر ۽ حاجي خان مهر تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

پارس شاھ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عدالت ۾ پيش