گهوٽڪي ۾ پرائمري اسڪول کي 4مهينن کان تالا: شاگردن سان فراڊ جو انڪشاف

0
202
گهوٽڪي ۾ پرائمري اسڪول

ڪراچي (رپورٽ: صدام ڪولاچي) گهوٽڪي جي ڳوٺ راڄو ڪولاچي جي پرائمري اسڪول کي گذريل چئن مهينن کان تالا لڳل آهن، جنهن سبب سوين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي

ڳوٺاڻن اعجاز ڪولاچي، سعيد خان، راحب، عبدالمعروف ۽ ٻين اسڪول ٻاهران احتجاج ڪندي تعليم کاتي جي اختيارين تي سنگين الزام هنيا آهن

ڳوٺاڻن موجب اسڪول ۾ مقرر استاد رمضان راجپوت ڪافي عرصي کان اسڪول نٿو اچي، جڏهن ته وظيفو ڏيارڻ بهاني سوين شاگردن کان فام جي مد ۾ 200 کان300 رپيا وٺي ويو آهي، هاڻي نه استاد اچي ٿو نه وري شاگردن کي سندن رقم واپس ملي رهي آهي

ڳوٺاڻن چيو ته ڊي اِي او گهوٽڪي سميت تعليم کاتي توڙي  چونڊيل نمائندن کي لکت ۾ ڪيئي ڀيرا درخواستون ڏنيون آهن، پر ڪير نوٽيس نٿو وٺي

ھي به پڙھندا

دادو مان اغوا ڄاڻايل خانگي اسڪول جي ماسترياڻي بازياب ٿي گهر پهچي وئي

سنڌ ۾ انٽر جي داخلا لاءِ ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جو شرط ختم