گهوٽڪي مان وڌيڪ هڪ نينگر مبينا طور اغوا، انگ 14 ٿي ويو

0
217
گهوٽڪي مان وڌيڪ

گهوٽڪي (ن پ ا) گهوٽڪي مان وڌيڪ هڪ معصوم نينگر مبينا طور اغوا ٿي ويو، جنهن بعد مغوين جو تعداد 14 ٿي ويو آهي، گهوٽڪي شهر مان 10 سالن جو نينگر پرسرار طور گم ٿي ويو وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي اطلاع ٿاڻي تي ڪري ڇڏيو

شهر جي قادريه فيڪٽري محلي جي رهواسي لطيف احمد ڪولاچي جو 10 سالن جو پٽ ڪبير احمد ڪولاچي گذريل ڏينهن کان گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو آهي

گم ٿي ويل نينگر ڪبير احمد ڪولاچي جي والد لطيف احمد ڪولاچي موجب ته پٽ جي ڪافي ڳولا ڪئي آهي مگر ان جو ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو

وارثن موجب خدشو آهي ته پٽ اغوا ڪيو ويو آهي ۽ اهڙو اطلاع گهوٽڪي ٿاڻي تي ڪري ڇڏيو، نينگر ڪبير ڪولاچي جي والد لطيف ڪولاچي ايس ايس پي گهوٽڪي کان پٽ کي بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

ملير مان هڪ هفتي دوران هڪ ٻي ڇوڪري جي گم ٿيڻ جو انڪشاف