گهوٽڪي: اهلڪار جي آزادي لاءِ ڌاڙيلن کي ڏنل سرڪاري گولين واري مبينا وڊيو هٿ

0
475

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ اهلڪار جي آزادي لاءِ ڌاڙيلن کي ڏنل سرڪاري گولين واري مبينا وڊيو ٽائيم نيوز کي هٿ اچي وئي آهي

گهوٽڪي پوليس پاران مغوي اهلڪار جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن کي گوليون ڏيڻ واري مبينا وڊيو ٽائيم نيوز کي هٿ آئي آهي

ذريعن موجب پوليس اهلڪار خالد ڪورائي جي  بازيابي عيوض ڌاڙيلن کي سرڪاري گولين جون 5 صندوقون ڏنيون، وڊيو ۾ ڌاڙيل پوليس پاران ڏنل سرڪاري  گولين جا ميگزين ڳڻي رهيا آهن، جن تي  سرڪاري اسٽيمپ به لڳل آهي

ڌاڙيل مير علي جاگيراڻي جو چوڻ آهي ته پوليس پاران اهلڪار خالد ڪورائي کي ڇڏڻ تي هي سرڪاري گوليون ڏنيون ويون، ڌاڙيلن اهلڪار خالد ڪورائي کي اغوا  ڪري گرفتار نوجوان اميد علي جاگيراڻي جي آزادي جو مطالبو ڪيو هو

جڏهن ته پوليس گرفتار نوجوان آزاد ڪري مغوي اهلڪار کي آزاد ڪرائي ورتو هو، اميد علي جاگيراڻي کي ڌاڙيلن حوالي ڪري اهلڪار خالد ڪورائي کي بازياب ڪرايو ويو

ذريعن چيو هو ته پوليس 5 مينهون ۽ سرڪاري گوليون ڏئي اهلڪار کي بازياب ڪرايو، ڌاڙيلن جو پوليس سان معاهدو ٿيو ته گهرن تي بناجواز چڙهائي نه ڪئي ويندي