اسلام آباد ۾ هڪ ٻي نينگري تي وحشياڻو تشدد، ٻه ڀيرا ڪتا ڇڏيا ويا

0
222
اسلام آباد ۾ هڪ ٻي نينگري تي وحشياڻو تشدد، ٻه ڀيرا ڪتا ڇڏيا ويا
اسلام آباد ۾ هڪ ٻي نينگري تي وحشياڻو تشدد، ٻه ڀيرا ڪتا ڇڏيا ويا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ گهريلو تشدد جو شڪار هڪ ٻي نينگري جو وڊيو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هوءَ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري رهي آهي

نينگري عندليب فاطمه چيو ته اسلام آباد جي هڪ گهر ۾ ڪم ڪندي هيس جتي منهنجي مٿان ظلم ڪيو ويو، منهنجي مٿان گرم پاڻي هاريو ويندو هو، هينگر سان ماريندا هئا

هن چيو ته گهر جي مالڪياڻي جا ٻار به مارڪٽ ڪندا هئا، مون تي ٻه ڀيرا ڪتا ڇڏيا ويا، ٻارن جو مامو به بدتميزي ڪندو هو، جنهن کي روڪيم ۽ مالڪياڻي کي ٻڌايم ته هن ابتو منهنجي مٿان ڪاوڙ ڪئي

عندليب فاطمه چيو ته آئون ڊنل هئس، ڪنهن کي ڪجهه ٻڌائي نه پئي سگهيس، مون کي مالڪياڻي تعويذ جو پاڻي پيئاريندي هئي

هوڏانهن گهريلو ملازمه نينگري تي تشدد ڪندڙ مالڪياڻي زيتون عرف ثمرا 50 هزارن عيوض عدالت مان پنهنجي ضمانت ڪرائي ورتي آهي، مالڪياڻي خلاف ترنول ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو

واضح رهي ته ان کان اڳ گهريلو ملازمه نينگري رضوانه مٿان سول جج جي گهرواري به تشدد ڪيو هو، رضوانه گذريل 3 هفتن کان اسپتال ۾ داخل آهي، اهڙو ئي هڪ ٻيو واقعو راڻيپور ۾ به پيش آيو هو جتي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ نينگري فاطمه جو لاش مليو هو

هي به پڙهندا

فاطمه ڪيس، حويلي مان شاهديون هٿ، ٻارڙي جي قبر تي پوليس چوڪي قائم