گهوٽڪي (رپورٽر) ڳوٺ شير مهر واسي هوت مهر پنهنجي ڌي ظهران مهر کي دل جي تڪليف سبب علاج لاءِ تعلقي اسپتال گهوٽڪي وٺي آيو، جتي ڊاڪٽرن دل جي علاج وارو ڊاڪٽر نه هجڻ جو چئي مريض عورت کي سکر وٺي وڃڻ جو چيو، جنهن تي مريض عورت جي والدين کين چيو ته اسان غريب آهيون، سکر جو خرچ ڀري نه ٿا سگهون جنهن تي سول اسپتال گهوٽڪي جي عملي مريض عورت جي والدين سان غلط رويو اختيار ڪندي اسپتال مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي کين دڙڪا ڏنا اسپتال جي عملي جي اهڙي رويي تي مريض عورت جي والدين اسپتال ۾ احتجاج ڪيو، ڳوٺاڻا پنهنجي مريض عورت کي بنا علاج ڪرائڻ جي واپس ڳوٺ روانا ٿي ويا.