گهر ۾ رهڻ ايوارڊ شو ۾ وڃڻ کان بهتر آهي: مٿيرا

0
181

ڪراچي (شوبز نيوز) داڪارا ۽ ماڊل مٿيرا چيو آهي ته گهر ۾ رهڻ ايوارڊ شو ۾ وڃڻ کان بهتر آهي. ماڊل مٿيرا هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف سوالن جا جواب ڏنا. ميزبان پاران پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪٺ پتلي ماڻهن جي خواهش هوندي آهي ته اهي هر هنڌ نمايان نظراچن پوءِ ڀلي انهن کي ان لاءِ ڪجهه به ڪرڻو ڇونه پئجي وڃي. هن چيو ته اوهان کي جيڪڏهن شهرت ملڻي آهي ته گهر ويٺي به ملي ويندي آهي هروڀرو پاڻکي سماج ۾ خوار ۽ خراب ڇو ڪرڻ گهرجي.