ليجنڊ اداڪارا سلطانه ظفر لاڏاڻو ڪري وئي

0
172

نيويارڪ (شوبز نيوز) ليجنڊ اداڪارا سلطانه ظفر لاڏاڻو ڪري وئي. تفصيل موجب پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي سينئر اداڪارا سلطانه ظفر آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر ڊيلاس ۾ دم ڏنو. سلطانه ظفر جي عمر 63 سال هئي، جڏهن خاندان پاران سندس لاڏاڻي جو سبب نه ڄاڻايو ويو. سلطانه ظفر ڪيترن ئي سالن کان آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪري رکي هئي جٿي هو ارميلا اسٽوڊيو جي نالي سان هڪ بوتيڪ هلائيندي هئي جڏهن ته سندس سوڳوارن ۾ 2 پٽ آهن جيڪي آمريڪا ۾ رهن ٿا. سلطانه ظفر پاڪستان ٽيليوزن جي مشهور ڊرامن تنهائيان، ان ڪهي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي هئي. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي.