واشنگٽن (م ڊ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي زال ميلانيا ٽرمپ تي ايف بي آءِ جي مخبر هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، اڳوڻي صدر جي گهر تي ايف بي آءِ جي ڇاپي کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ئي خاندان تي شڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جي زال ۽ اڳوڻي آمريڪي خاتون اول ميلانيا ٽرمپ تي ايف بي آءِ جي مخبر هجڻ جو شڪ ڪيو پيو وڃي، برطانوي اداري دي مرر جي رپورٽ موجب 45 هين آمريڪي صدر جي انتهائي ويجهي هڪ شخص ايف بي آءِ طرفان ڊونلڊ ٽرمپ جي گهر تي ڇاپي دوران اختيارين کي ٻڌايو ته ٽرمپ جي رهائشگاهه ۾ وڌيڪ دستاويز موجود آهن.