اسلام آباد: وفاقي حڪومت ڪي پي حڪومت جي ڌمڪين ۽ مخالف ڌر جي پارٽي جي يو آءِ جي مخالفت باوجود اڳوڻي فاٽا جي ڪي پي ۾ ضم ٿيل ضلعن کي پنجن سالن جي ٽيڪس ڇوٽ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ناڻي وزير چيو ته ڪي پي ۾ ضم ٿيل فاٽا ۽ پاٽا لاءِ انڪم ٽيڪس ڇوٽ ۾ هڪ سال واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، فاٽا ۽ پاٽا ۾ ڏنل ٽيڪس ڇوٽ مرحليوار ختم ڪئي پئي وڃي، جيئن انهن کي قومي معاشي ڌارا ۾ شامل ڪري سگهجي، ناڻي وزير چيو ته فاٽا ۽ پاٽا جي رهواسين لاءِ انڪم ٽيڪس ڇوٽ ۾ هڪ سال جي واڌ ڪئي پئي وڃي، سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي جي ڊفالٽر تي لاڳو 12سيڪڙو ڊفالٽ سرچ وڌائي ڪائبور پلس 3سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.ناڻي وزير چيو ته انهن علائقن کي ضم ڪرڻ وقت پنجن سالن لاءِ ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو ويو هو جيڪا 30 جون 2023ع تي ختم ٿي وئي ۽ ان ۾ هڪ سال جو اضافو ڪيو ويو هو.