شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ ايس يو پي جي سڏ تي شھر ۾ وڌندڙ گندگي ۽ مڇر مار اسپري نه ڪرائڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي علامتي بک ھڙتال ڪئي، ان موقعي تي آصف مگسي، الھداد خشڪ، وھاب پندراڻي، ڪامريڊ عرس سيلرو، معتبر چانڊيو، حمل خشڪ ۽ ٻين چيو ته ساڍا 3 ڪروڙ روپيا بجيٽ ھجڻ باوجود شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي، روڊن رستن تي نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي بيھجي وڃڻ ڪري لنگهڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، هنن چو ته ميونسپل چيئرمين ۽ سي ايم او شڪايتن باوجود ڪجهه نه پيا ڪن، هنن صفائي ڪرڻ جي گهر ڪئي.