گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي شاهي بازار ۾ دڪاندار ڪپڙا چوري ڪرڻ جي الزام ۾ ٽن عورتن کي پڪڙي دڪان  ۾ بند ڪري ڇڏيو، عورتون دڪان اندر ڪيهاٽ ڪنديون رهيون. گمبٽ پوليس ٽنهي عورتن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي کڻي وئي. ان سلسلي ۾ دڪان مالڪ نريش ڪمار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 4 عورتون ڪپڙا خريد ڪرڻ لاءِ دڪان تي آيون، جن مان ٽن کي چوري ڪندي پڪڙي ورتو. پڪڙيل عورتن کي پوليس حوالي ڪيوآهي. هوڏانهن گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن سڄاڻ شهرين محمد ادريس سومرو، آصف علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته دڪاندار پاران عورتن کي پڪڙي بند ڪرڻ ۽ تذليل جو نشانو بنائڻ پنهنجي عدالت لڳائڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن عورتن چوري ڪئي يا ڪوشش ڪئي ته کين پوليس حوالي ڪيو وڃي ها. دڪاندار پاران پنهنجي عدالت لڳائڻ مذمت جوڳو عمل آهي.