گلاب لغاري (ن پ ا) گلاب لغاري ۾ دڪاندارن ۽ سندن ملازمن پاران ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ وئڪسين نه ڪرائڻ ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي تي مختيار ڪار ماتلي نعيم وسطڙو پاران پوليس ساڻ ڪري دڪانن تي ڇاپا هنيا، مختيارڪار پاران اگھم ڪوٽ روڊ ۽ صابن دستي روڊ تي ڪارروايون ڪري دڪاندارن کي وئڪسين ڪارڊ نه هجڻ تي سندن دڪان بند ڪرائي ڇڏيا، بعد ۾وئڪسين ڪرائڻ تي دڪان کوليا ويا، جڏهن ته مختيارڪار دڪاندار کي وئڪسين ڪرائڻ ۽ بنا ماسڪ گراهڪن کي سامان نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي.