کورواھ (ن پ ا) کورواھ ويجهو ڳوٺ جماالدين چانڊيو جي پرائمري اسڪول ۾ استاد نه هجڻ خلاف اسڪولي ٻارڙن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي شاگردن اسلم چانڊيو، فقير محمد چانڊيو، نويد چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسڪول ۾ مقرر استاد نٿو اچي، جنهن سبب تعليم متاثر ٿي رهي آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول ۾ استاد جي حاضري يقيني بڻائي وڃي.