گرينڊ ڊائلاگ ۾ شرڪت لاءِ پي ٽي آءِ باني کي ضمانت تي مشروط آزادي ڏئي سگهجي ٿي: راڻا ثناءُ الله

0
34
نگران وزيراعظم لاءِ مشاورت جاري آهي، 2023ع اليڪشن جو سال ناهي: وفاقي گهرو وزير
نگران وزيراعظم لاءِ مشاورت جاري آهي، 2023ع اليڪشن جو سال ناهي: وفاقي گهرو وزير

وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته گرينڊ ڊائلاگ ۾ شرڪت لاءِ پي ٽي آءِ باني کي ضمانت تي مشروط آزادي ڏئي سگهجي ٿي

راڻا ثناءُ الله بيان ۾ وڌيڪ چيو ته گرينڊ ڊائلاگ جي آڇ ڪنهن جي چوڻ تي نه ڪئي اٿئون، نواز شريف 21 آڪٽوبر تي لاهور واري عوامي جلسي ۾ سڀني کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي

راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته گرينڊ ڊائلاگ ۾ پهرين سياسي جماعتون ويهي ڳالهيون ڪنديون بعد ۾ ادارن سان ڳالهيون ڪري کين اعتماد ۾ ورتو ويندو، ملڪ ۾ سياسي استحڪام ڊائلاگ سان ئي ايندو پر اهو ڊائلاگ غير مشروط هوندو

هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو باني اڄ چوي ته اهي ڳالهيون غير مشروط هونديون ته سندس آزاديءَ تي اتفاق ٿي سگهي ٿو، مولانا فضل الرحمان، اختر مينگل ۽ محمود خان اچڪزئي ڊائلاگ تي يقين رکن ٿا، مسئلو رڳو هڪ جماعت پي ٽي آءِ جو آهي

 تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن نواز ليگ جي ڳالهين واري آڇ رد ڪندي چيو آهي ته هنن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي رئوف حسن چيو ته ڪٺ پتلين سان ڳالهيون نه ٿينديون، ڳالهيون انهن سان ڪنداسين جن وٽ اختيار ۽ طاقت آهي

هي به پڙهندا

وزير اعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صورتحال تي اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو