ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ لڳ نامعلوم چورن پورھيت جي گھر مان مال چوري ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي، گھر ڌڻي سجاڳ ٿيڻ دوران جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، ٻي طرف  ڳوٺ ڀائي خان ملاح جي رهواسي ملاح برادري جي ماڻهن پاران بدامني خلاف  لڪياري پمپ خانپور جوڻيجو وٽ انڊس هاءِ وي تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  قربان ملاح، سيد اظھار عرف قربان شاهه، امين شاهه، صديق ملاح، عامر جانوري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي آهي، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي،  چورن گھر ڌڻين مٿان فائرنگ ڪئي، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.