ڪڙيوگهنور (ن پ ا) کورواهه واسي پورهيت بااثر وڏيري جي ظلم خلاف پنهنجي گهر واري ۽ پٽ سميت ڪڙيوگهنور پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پورهيت محمد يوسف ملاح دانهيندي چيو ته بااثر وڏيري مون کي منهنجي گهران تشدد ڪري منهنجي گهر تي بنا جواز قبضو ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي، شڪايتن باوجود پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.