ڪڙيو گهنور  (ن پ ا) ڪڙيون گهنور صحت مرڪز تي دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ ڪڙيوگهنور جي سول اسپتال ( بنيادي صحت مرڪز ) تي ڪيتري وقت کان عملي ۽ دوائن جي کوٽ خلاف شھرين  حافظ محمد احمداڻي، ملڪ  آفتاب ۽ ٻين پريس ڪلب ڪڙيوگهنور آڏو احتجاج ڪندي  چيو ته ڪڙيو گهنور جي سرڪاري اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آهي مريض پريشان آهن ڊاڪٽر به نه آهن. بنيادي صحت مرڪز تي ڪا به دوا وئيڪسين وغيره موجود ناهي. ڪتي جا ڏاڙهيل مريض به روزانو پريشان ٿي ٻين شھرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ٿئي وڃن ٿا . اسان وزير اعلي سنڌ، وزير صحت، ۽ صوبائي صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو ، ايم پي اي  اسماعيل راهو کي اپيل ڪريون ٿا ته سرڪاري اسپتال ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي ته جيئن غريب عوام پريشاني کان بچي سگهي