ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  ملير ضلعي جي محمد نگر کي ڪورنگي ضلعي ۾ شامل ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي اليڪشن ڪميشن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي.  محمد نگر  جي رهواسي ڪامران نواز ۽ ٻين جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 2017ع جي آدمشماري ۾ ملير ضلعي جي محمد نگر کي ڪورنگي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو، 2018ع جي چونڊن ۾ غلطي جي نشاندهي ڪرڻ بعد انهي کي پي ايس 89 ملير ۾ شامل ڪيو ويو هو، موجوده تڪبندين ۾ هن علائقي کي يونين ڪاميٽي ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ جڏهن اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو ته هنن چيو ته بيورو آف اسٽيٽيڪس اڃا تائين محمد نگر جي آبادي کي ملير ضلعي ۾ شامل ناهي ڪيو، تنهن ڪري عدالت کي گذارش آهي ته محمد نگر کي ملير ضلعي ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.