پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن طرفان مڪاني نمائندن جي معطلي بابت پڌرائيءَ کي ڪالعدم قرار ڏيندي مڪاني نمائندن کي بحال ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن طرفان مڪاني نمائندن کي معطل ڪرڻ خلاف درخواستن تي عادلت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي مختصر فيصلو ٻڌايو. عدالت مڪاني نمائندن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي مڪاني نمائندن جي معطلي بابت پڌرائي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي. ٻڌڻي دوران جسٽس روح الامين پڇاڻو ڪيو ته جڏهن مڪاني چونڊون ٿي رهيون هيون ته ڇا ان وقت قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي معطل ڪيو ويو هو؟ واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ٻه فيبروري تي مڪاني نمائندن کي معطل ڪرڻ جي پڌرائي جاري ڪئي هئي.