اوٽاوا (م ڊ) ڪينيڊا ۽ سعودي عرب پاڪستان ۽ ڀارت کان ايندڙ اڏامن تي پابندي مهيني لاءِ پابندي لڳائي ڇڏي، ڪينيڊين ٽرانسپورٽ وزير جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن مان ايندڙ مسافرن ۾ وڏي پيماني تي ڪورونا جا مثبت ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن، ڪارگو فلائيٽس تي پابندي نه لڳائي ويندي، ٻين ملڪن مان ڪينيڊا ايندڙن لاءِ منفي ڪورونا ٽيسٽ ۽ 2 هفتن جو قرنطينه ۾ رهڻ لازمي هوندو.