ڪينيا جي شهر نيروبي ۾ سينئير صحافي ارشد شريف قتل

0
322

نيروبي:ڪينيا جي گادي واري شهر نيروبي ۾ سينئير صحافي ارشد شريف قتل ٿي ويو آھي، مقتول صحافي جي گهر واري جويريا پاران واقعي جي تصديق ڪئي وئي آھي

ارشد شريف جي گهرواري جو چوڻ آهي ته سندس مڙس کي نيروبي شهر ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي، ارشد شريف ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي کان لنڊن ۽ بعد ۾ ڪينيا ويو هو

اطلاعات کاتي جي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ارشد شريف واري معاملي تي ڪينيا جي حڪومت سان رابطي ۾ آهيون

سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل تي پاڪستان جي سينيئر صحافين، سياستدانن، توڙي سوشل ميڊيا واھپيدارن پاران افسوس ۽ ڏک جو اظھار ڪيو ويو آھي