عمران خان جي چونڊ وڙهڻ تي ڪا به پابندي ناهي: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

0
724

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان عمران خان جي نااهليءَ وارو فيصلو اڄ ئي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري استدعا رد ڪئي وئي آھي

چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته عمران خان جي چونڊ وڙهڻ تي ڪا به پابندي ناهي، ٻيهر چونڊ وڙهڻ چاهي ته وڙهي سگهي ٿو

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي نااهليءَ خلاف ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله جا پاران ريمارڪس ڏنا ويا

چيف جسٽس جو چوڻ ھو تھ اليڪشن ڪميشن جو تفصيلي فيصلو اڃا مليو ئي ناهي ته هيءَ عدالت ڪهڙي فيصلي کي معطل ڪريعمران خان جو اعلانجسٽس اطهر من  الله چيو ته عدالت اُميد ڪري ٿي ته ٽن ڏينهن اندر فيصلي جي ڪاپي فراهم ڪئي ويندي، معاملو بعد ۾ ڏٺو ويندو

ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن طرفان توشا خانه ريفرنس تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ وارو تفصيلي فيصلو اڄ جاري ٿيندو

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ريفرنس تي فيصلو اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز جو گڏيل فيصلو آهي، گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ميمبر بابر حسن ڀروانا ريفرنس جي فيصلي صحيح ڪئي هئي

ھي به پڙھندا

توشه خانه ڪيس: عمران خان نااهل قرار

ملڪ ۾ سياست جا 10 ڏينهن اهم آهن: شيخ رشيد

سرٽيفائيڊ چور کي اسلام آباد اچڻ نه ڏينداسين،آرمي چيف جي مقرري حڪومت جو اختيار آهي: شهبازشريف