ڪيرٽي گڍ جي ڪامڻي…!

0
156
ڪيرٽي گڍ جي ڪامڻي...!

 جمالياتي حُسن ۾ ڪيرٽيءَ جي سُونهن جو ڪو ثاني ناهي. صدين جي صدا جھڙي پراچين ۽ مٺي کُوھ مان پاڻي ڀريندڙ پدمڻين جي پيرن جا پدم پسي ڀُوميءَ به ڀاڳ سرائي ٿي. مڙد شاهه جي مزار تي ماٿو ٽيڪيندڙ وينگسن جي ڪارن وارن ۾ راڻڪ جو روپ اڄُ به واڏڙ ۾ وڄُ وانگي پاڻ پسائيندي ڪيرٽيءَ جي مَٽيءَ جو مان، ۽ پڳ واءُ جي مٺي پاڻيءَ جي پَت رکيو اچي. اولهه ۾ سوامي اوگهڙناٿ جي مندر واري دڙي تان بيهي ڪيرٽيءَ جو درشن ڪبو ته ائين لڳندو، ڄڻ پڪاسو يا پال گوگين جي ڪا حَسين پڪچر هُجي. ڏکڻ ۾ نم جي جُهوني جهاڙ واري ڀِٽ تان بيهي هيٺ نگاھ ڪبي ته هي ڳوٺ دليپ ڪُمار جي ڪنهن آرٽ فلم وانگي ڏيک ڏيندو. ڪيرٽيءَ جي وڏي، ويڪري ۽ اڇي ڏھر ۾ جلوا افروز زندگيءَ جي حُسن کي ڪنهن ڪويتا ۾ پوئڻ ساگر کي گهاگهر ۾ سمائڻ جي مُترادف هُوندو.

                 ٿرپارڪر جي پراچين پرڳڻي ڪيرٽيءَ جي مِٽيءَ ۾ اهڙي ڪا ڪرامت ضرور آھي، جو اُن مان جتي سُورا پُورا ۽ پَٽاڌاري پُرش پيدا ٿي هن ڀُوميءَ جو ڀاڳ بڻيا آھن، اُتي ڪُونج ڳچي ڪامڻين ۽ گُجر گورڙين پڻ جنم وٺي پنهنجن گهن گهور گهٽا سَمان گيسوئن سان ڪيرٽيءَ جي ڪايا کي جر تي ڏيئن وانگي جرڪائڻ ۾  پنهنجو ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آھي. اهڙي ئي هڪڙي بي بها سُندر ۽ شُشيل هُئڻ سان گڏ بهادر نينگري ڪيرٽيءَ جي ڪُک مان جنم ورتو هو.

اِڙا نه ڏيڻي آپري، رڻ کيتان ڀِڙ جاءِ،

پُوت سکائي پالڻي، مرڻ وڏائي ماءِ.

(راڻڪ ديهه پنهنجي پُٽ کي پينگهي ۾ لولي ڏيندي سکائي ٿي ته پنهنجي ڌرتيءَ ڪڏھن به ڪنهن کي نه ڏجانءِ، ميدان جنگ ۾ پنهنجو سِر وڍائي سرهو ٿيڻ ۾ جيڪا وڏائي آھي، اهڙي ٻئي ڪٿي به ناهي.)

ڪيرٽيءَ جا جهونا راوي روايت ڪن ٿا ته گهڻو وقت اڳ جي ڳالهه آھي ته ڪيرٽيءَ گڊ مان مڪواڻن جي وڃڻ پُڄاڻان هتي رُوپ سنگهه نالي پرمار راجپوت راجا جو راڄُ هو. راجا رُوپ سنگهه کي ڪيئي سالن تائين اولاد نه هو، هُو مِٽيءَ جي سير لاءِ ڀٽڪي ڀٽڪي ڪيئي سالن تائين ڌڻي در ٻاڏائيندو رهيو. نيٺ تمام گهڻي عرصي بعد هڪڙي نياڻي ڄائي، نياڻي نه هُئي ڄڻ نُور ڄائو هو. نياڻيءَ جي ڄمڻ تي راجا تمام گهڻو نراس ٿيو، ڇاڪاڻ ته هُن کي هڪ پُٽ کپيو ٿي، جيڪو هن جو جانشين ٿئي ها، ۽ سندس پيڙھي پڻ وڌي ها، پر قسمت جي اڳيان بندو بيوس ڇا ٿو ڪري سگهي؟ نيٺ راجا جوتشيءَ کان نياڻيءَ جو نصيب پڇيو. ڪيرٽيءَ جي راڄ جوتشي نياڻيءَ جي جنم ڪُنڊلي جاچي چيو ته. “هي نينگري تُنهنجي راڄ کان وٺي تخت ۽ تاج جي  تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجندي، ان ڪري ان جو تياڳ ڪري ڇڏ، ۽ ڪُجهه وقت بعد ان جي قسمت بدلجي سگهي ٿي”. راجا هميشه ڪَچن ڪَنن جا ڌڻي هوندا آھن، سو راجا روپ سنگهه پڻ جوتشيءَ جي ڳالهه کي سؤ سيڪڙو سچ سمجهي مٿس عمل ڪندي سپاهين کي حُڪم ڏنو ته، “نينگريءَ کي ڪيرٽي گڍ جي حدن مان ٻاهر اُڇلائي اچو”. سپاهين راجا جي حُڪم تي لبيڪ چوندي، نومولد نياڻيءَ کي گُئاڙيءَ جي گسن کان انتهائي پري وڃي اُڇلايو. اڳئين ڏينهن اُھا نياڻي هڙمت نالي هڪ ڪنڀار ۽ اُن جي زال کي ملي، اهي ٿانوَ ٿپا ٺاهڻ لاءِ ڪچي مٽي کڻڻ سارون کڏي وٽ آيا. اُتي جتي سپاهين نينگريءَ کي اُڇلايو هو. هڙمت کي اولاد ڪونه هو، ان ڪري انهن زال مڙس هن نينگريءَ کي پنهنجي پيٽ ڄائي نياڻيءَ وانگي نپائي وڏو ڪيو. اڄ ننڍي سُڀاڻي وڏي، نيٺ اچي جوانيءَ تي پهتي، سُونهن ۾ سج کي شرمائي، هلڻ ۾ هاٿي جهڙي چال، ڳالهائي ته موتي پيا ڇڻن، کلي ته خوشبو پکيڙيو ڇڏي. ههڙي حُسن جي واکاڻ هڪڙي ڏينهن سانگي نالي هڪ چارڻ گُجرات جي راجا سِڌراج جئه سنگهه سولنڪي وٽ وڃي ڪئي. اُن چارڻ جي چِت مان سرجيل ڪُجهه شاندار سورٺا ۽ ڪُجهه دلفريب دُوها هيٺ پيش ڪجن ٿا، جن جو اڀياس ڪرڻ سان اوهان کي پتو پوندو ته واقعي ڪيرٽيءَ جي مِٽيءَ مان سُونهن ڦُٽي نڪري ٿي.

راڻڪ ٿانري روپ ري سُورج ڀري ساک

سُندريان سؤ لاک رَتي نا ٿانري رُوپ ري

(اي راڻڪ ديهه! تُنهنجي حُسن جي شاهدي سِجُ به ڏئي ٿو، سوين لکين سُهڻيون تُنهنجي ڀر ۾ بيهارجن، ته به تنهنجي رُوپ جي رَتي برابر به ناهن.)

راڻڪ ايسو روپ جيسو پونم چند چيتر رو

ساهُوواڙي سوروپ روچي گهڻي راج ۾

(راڻڪ ديهه جو اهڙو روپ آھي، جهڙو چيٽ جي پونم جو چنڊُ. سورنهن سينگار ڪندڙ هي سهڻي عورت سموري راڄُ ۾ سُونهي ٿي.)

راڻڪ ايسو رنگ جيسو پڪا گيهون پنٿ ۾

سهيليان ري سنگ جل ڀرتي کينس ڪري

(راڻڪ ديهه جو اهڙو رنگ آھي، جهڙو پڪل ڪڻڪ، پنهنجي سرتين سان گڏ روز سنجها ويلي کُوھ تي کينچل ڪرڻ وڃي ٿي.)

راڻڪ ايوي چال جيوي گينور ڪجلي بن را

جانجهر ني جهڻڪال پنٿيان را پگ جهلي

(راڻڪ ديهه! جي هلڻي اهڙي آھي، جهڙو ڪجلي بن جا هاٿي پيا هلن. جڏهن مڌم مڌم ڇيرن کي ڇمڪائي ٿي، تڏھن واٽ ويندڙ مسافرن جا پير بيهي وڃن ٿا.)

ڪيهر ڪَت ڪامڻي، مرگها جيسا نيڻ

ڏنت ڏاڙم هسي گهڻو واڏڙ کِوتي کيڻ

(چيتي جهڙي چيلهه ۽ هرڻ جهڙن اکين واري هي حَسينا، جنهن جا ڏند ڏاڙهون جي داڻن وانگي آھن. اُھا جڏھن کلي ٿي ته هُن جو حُسن ائين تجلا ڏئي ٿو، جيئن بادلن ۾ وڄُ چمڪا ڪندي آھي.)

راڻڪ ٿانري روپ را، ڪيوا ڪران بکاڻ

هنس چلي جل ٿلي، نيڻ ڪسيوڙا ڪمان

(اي راڻڪ ديهه! تُنهنجي سُونهن جي ڪهڙي ساراھ ڪريان؟ تُون ته پاڻيءَ مٿي هلندڙ هنج پکيءَ جهڙي حَسين آھين. تُنهنجون اکيون ڄڻ تاڻيل تير ڪمان هُجن.)

ڪجلي ڀنورا قيص پون هلولي پنٿ گهڻو

اي سانگي رو سنديس سانڀڙجو سِڌراج

(هُن ڪجليءَ جا ڪارا ۽ گهاٽا وار جڏھن پنڌ ۾ هوا لوڏي ٿي ته سمورو ماحول مهڪي ٿو. هي سُونهن جو نياپو آھي اي راجا سِڌراج! ڌيان ڏئي ٻُڌ.)

راڻڪ ٿانري راج ۾، ميٺا ٻولين مور

بڇڙيا ساجن چِت چڙھين، انتس وڌي الوڙ

(اي راڻڪ ديهه! تُنهنجي ديس ۾ مِٺا مِٺا مور ٻولي رهيا آھن، ورهين جا وڇڙيل ساجن پلڪ جهپڪ ۾ چت تي چڙھي رهيا آھن. اندر ۾ لوچ پوچ وڌي رهي آھي.)

راڻڪ ٿانري راج ۾، گُونجي همرچو گيت

پريت لاوي پل نه پانتري، رنگ ايوي ريت

(اي راڻڪ ديهه! تُنهنجي ديس ۾ همرچي جهڙي خوبصورت گيت جي گونجار هلي پيئي، پيار ڪرڻ کان پوءِ هڪ گهڙي پل به محبوب کي وساريو نٿو وڃي. تُنهنجي ديس جي اهڙي رسم رواج کي جس هجي.)

ان وچ ۾ راڻڪ ديهه جي حُسن جا حوالا ڏيهان ڏيهه پکڙجي ويا، ۽ جهوناڳڙھ جو راجا راءِ کنگهار مٿس موهت ٿي پيو، پرَپُٺ پُڇائون ڪرڻ لڳو ته هي ڪَنيا آخر ڪير آھي؟ گهڻي پڇا ڳاڇا کان پوءِ راڻڪ ديهه جي اصل پيءُ جو پَتو پيو. ڪي چون ٿا ته اُن ساڳي چارڻ راءِ کنگهار کي راڻڪ ديهه جي اصلي پِتا جو پتو ڏنو. بهرحال جيئن به ٿيو. راءِ کنگهار هُڙمت ڪُنڀار کان هن جو رشتو وٺي ويو. اهڙي طرح راڻڪ ديهه جي شادي جهوناگڙهه جي راجا راءِ کنگهار سان ٿي ويئي. سِڌراج سولنڪيءَ کي اها خبر پيئي ته راڻڪ ديهه راءِ کنگهار جي زال ٿي چُڪي آھي، تڏھن راجا سِڌراج جئه سنگهه جهوناڳڙھ تي ڪاھ ڪري ڏني. جهونا ڳڙھ جي سپاهين وڏي بهادريءَ سان مقابلو ڪيو، راجا سِڌراج پورا ٻارنهن سال قلعي جي ٻاهران سڙندو رهيو، ان آس تي ته ڪڏھن نه ڪڏھن فتح ٿيندي ۽ راڻڪ ديهه جو ديدار نصيب ٿيندو. ان وچ ۾ راڻڪ ديهه کي ٻن پُٽن جو اولاد ٿيو. چون ٿا ته راءِ کنگهار جي ٻن ڀاڻيجن ڏيسل ۽ ويسل غداري ڪئي. جهوناڳڙھ جي قلعي جا دروازا کولي ڇڏيا ته جيئن سِڌراج جي سينا اندر داخل ٿئي ۽ راءَ کنگهار کي ختم ڪري ۽ اُھي راجگديءَ تي آساني سان ويهي سگهن. ٿيو به ائين ئي. راجا سِڌراج جي سينا قلعي ۾ پرويش ڪندي ئي راءَ کنگهار کي قتل ڪيو ۽ راڻيءَ راڻڪ ديهه کي قيد ڪري ورتو. راڻڪ ديهه راجا سِڌراج سان شادي نه ڪئي ۽ ستيءَ ٿيڻ جي گُهر ڪئي. راجا سِڌراج هڪ شرط سان سَتي ٿيڻ جي اجازت ڏني ته، “هن جي چِتا کي باھ نه ڏني ويندي”. راڻڪ ديهه اهو شرط خوشيءَ سان قبول ڪيو، ۽ راجا کي راڻڪ ديهه جي رک ئي نصيب ٿي. روايت آھي ته راڻڪ ديهه جيئن چِتا تي چڙھي ته پالڻهار جي پرڪاش سان ازخود اگنيءَ جو ڀنڀٽ ڀڙڪي پيو، ۽ ڪيرٽيءَ جي راجڪُماري راڻڪ ديهه سوڍي سَتي چڙھي هوائن ۾ تحليل ٿيندي اهو چئي ويئي ته؛

پَنٿي ايڪ سنديسڙو، ٻاٻل ني ڪياھَ

جنمي ٿال نه وجيا، مرتي ٽامڪ ٽيهٽياھَ

(اي مُسافر! مُنهنجي بابل کي هڪڙو نياپو ڏجانءِ ته منهنجي جنم تي تو ٿالهه نه وڄايا هُئا، ڇو ته آئون نياڻي هُئس ۽ اڄ منهنجي ستيءَ چڙھڻ تي نوبت نغارا وڄي رهيا آھن. مون تنهنجي ڪُل جو به مان وڌايو آھي.)

اهڙي هُئي ڪيرٽي گڍ جي ڪامڻي راڻڪ ديهه سوڍي، جنهن جي سَت جي پَت پالڻهار رکي. اڄ به سوراشٽر جي هڪ ڳوٺ واڌاون ۾ ڪيرٽيءَ گڍ جي هن راجڪُماريءَ راڻڪ ديهه جو عاليشان مندر موجود آھي، جتي ماڻهو زيارت ڪرڻ وڃن ٿا ۽ اُن مندر ۾ ٻرندڙ اَکنڊ جوتيءَ جي خاڪ تَبرڪ طور ماٿي تي لڳائين ٿا.