ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو ويجهو ڳوٺ جمع خان شر ۾پيرسن گلشير شر جو قتل ڪيس مقتول جي ڀاءُ علي شير شر جي فرياد تي جوابدار عمران شر خلاف داخل ڪيو ويو. فريادي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار عمران شر منهنجي ڀاءَ کان پنهنجي زال جو شناختي ڪارڊ گهريو نه ڏيڻ تي جوابدار ڪاوڙ ۾اچي هن کي خنجرن جا وار ڪري قتل ڪيو آهي. پوليس جي قتل ۾ ملوث جوابدار عمران شر جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پر جوابدار عمران شر گرفتار ٿي نه سگهيو. هوڏانهن مقتول گلشير شر جو رات دير سان فيض گنج جي سرڪاري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.