گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين تي گمبٽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پارڪس ۾ گڏ ويهڻ ۽ گھمڻ واري پابندي پرنسپال واپس وٺي ڇڏي. ان سلسلي ۾ گمبٽ ڪاليج جي پرنسپال هريش چند 16 اپريل تي هڪ ليٽر جاري ڪندي ڄاڻايو هو ته شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪاليج جي پارڪ ۾ گڏ ويهن يا گھمن ٿا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ سندن والدين کي به اطلاع ڏنو ويندو. اهڙو ليٽر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال هريش چند جاري ڪيل ليٽر واپس وٺي ڇڏيو آهي ۽ ليٽر پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.