ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي پريو مري اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 ڄڻا وقار، راشد خاصخيلي ۽ مسمات اقرا بي بي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس حادثي واري هنڌ  پهچي ڪار۽ موٽرسائيڪل کي تحويل ۾ ورتو، جڏهن ته ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو.