ڪوٽ لالو: وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندڙ فوجي جوان جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

0
236
ڪوٽ لالو: وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندڙ فوجي جوان جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي
ڪوٽ لالو: وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندڙ فوجي جوان جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪوٽ لالو (ن پ ا) وزيرستان ۾ وطن خاطر شھادت ماڻيندڙ ڪوٽ لالو واسي فوجي جوان جو مڙھ ڳوٺ آڻي اباڻي قبرستان ۾ فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جنازي نماز ۾ ھزارين ماڻهن ۽ فوجي جوانن جي شرڪت ڪئي

 مونکي پنهنجي پٽ جي شهادت تي ناز آهي : شهيد جو پيء

ٻه ڏينھن اڳ وزيرستان ۾ وطن عزيز جو دفاع ڪندي شھادت ماڻيندڙ ڪوٽ لالو جي علائقي ڳوٺ حاجي سمندر خان شر واسي فوجي جوان اعجاز علي شر جو مڙھ اباڻي ڳوٺ   سمندر خان شر پھچايو ويو

جتي فوجي اعزاز سان اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، اعجاز علي شر پنج سال اڳ ۾ پاڪ فوج ۾ سپاھي طور ڀرتي ٿيو هو،2 ڏينهن اڳ  59بلوچ ريجمينٽ ۾ وطن خاطر دشمنن سان مھاڏو اٽڪائيندي شمالي وزيرستان واري علائقي ۾ شھادت ماڻي امر ٿي ويو

شھيد اعجاز علي شر 6 ڀائرن ۾ پنجين نمبر تي ھو، شھيد جوان جي 6 مھينا اڳ ۾ شادي ٿي ھئي، ان حوالي سان شھيد جي والد اله بخش شر جو چوڻ ھو ته منھنجي پٽ وطن خاطر جان جو نظرانو پيش ڪيو آھي جنھن جي شھادت تي مونکي فخر آھي

ان موقعي تي آرمي جي آفيسرن ( جي او سي) نور ولي، ليفٽيننٽ ڪرنل منير گوھر، اي سي فيض گنج مستقيم قريشي، ڊي ايس پي ٺري ميرواھ فدا حسين اعواڻ ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته پاڪ فوج جون قربانيون  ھن ملڪ جي حفاظت لاءِ آھن، شھيد جي والدين سان اسان کي ھمدردي آھي ۽ شھيد زنده آھن شھيد جي موت سان قوم جي حياتي آھي

 

ھي به پڙھندا

ڪوٽ غلام محمد واسي شهيد فوجي جوان جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي