ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي ۾  برف جا اگھه واڌائڻ خلاف برف سپلاءِ ڪندڙ ڊيلرن پاران  اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي جي آفيس اڳيان گاڏيون بيھاري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي سيد عزيز شاھ ،قمر زمان، لونگ بروھي، جمعو خان ۽ ٻين چيو ته برف ڪارخانن جي مالڪن رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ ھٿرادو طور برف جي هڪ سلي تي 200 سئو رپيا اگھه وڌائي  ڇڏيو آھي، جنھن سبب اسان غريب ڊيلر احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آھيون.