ڪوٽڙي: ”کليل ڪچهري آهي يا جيالن جو جلسو؟“ عوام مڇرجي پيو

0
267

ڪوٽڙي: ڄامشوري ۾ وڏي وزير جي خاص معاونن جي کليل ڪچهري ۾ عوام مڇرجي پيو، هال گو ڊي سي گو جي نعرن سان گونجي پيو.  کلي ڪچهري مڇي مارڪيٽ بڻجي وئي، صلاحڪارن جون ماڻهن کي ماٺ ڪرائڻ لاء منٿون. ماڻهن دانهون ڪندي چيو ته ماڻهن کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، ڊي سي ڄامشوري سڄي ضلعي جون زمينون بلڊرن کي کپائي ڇڏيون آهن. سڄي ضلعي جي ڪنهن به ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺن ۾ رڳو پيئڻ لاء پاڻي به ناهي، وزير عوام تي چٿرون ڪرڻ اچن ٿا. شهرين چيو ته ميونسپل ٻولهاڙي گٽرن ۽ گندي نالي جو ڏيک ڏئي ٿي، پاڻي پئسن تي وٺون ٿا. معذور نوجوان چيو ته ڊي سي ڄامشوري معذورن جي ڪوٽا واريون نوڪريون من پسند ماڻهن کي ۽ پئسن تي وڪرو ڪيون آهن.