ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجيءَ ڀرسان ڪکائين گهر ۾ باھ لڳڻ دوران پيرسن عورت پنهنجي ذهني معذور پٽن کي بچائيندي سڙي فوت ٿي وئي. خبر موجب ڪوٽڏيجي ويجهو ڳوٺ  قائم خان گوپانگ جي رهواسڻ فقيرياڻي حاڪمزادي گلال جي ڪکائين گهر کي رات دير سان اوچتو باھ لڳي ويئي. ان پيرسن فقيرياڻي پنهنجي ٻن پٽن مٺو ۽ علي حيدر گلال کي بچائيندي باھ جي مچ ۾ ڪري سڙي پئي. باھ لڳڻ سبب پيرسن فقيرياڻي جو جسم شديد متاثر ٿيو، جڏهن ته سندس پٽ  محفوظ رهيا. واقعي بعد زخمي عورت کي گمس اسپتال گمبٽ نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. ٻڌايو پيو وڃي ته پيرسن حاڪمزادي گلال کي ڪجھه عرصو اڳ سندس ويجهن رشتيدارن گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن کي بعد ۾ ڳوٺاڻن هڪ ڪکائون گهر ٺاهي ڏنو هو. پيرسن فقيرياڻي ڳوٺن مان خيرات وٺي پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندي هئي.  ان سلسلي ۾ وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته باهه ۾ سڙي فوت ٿيل عورت جا ٻئي پٽ 32 سالن جو علي حيدر ۽ 25 سالن جو مٺو گلال ذهني طور معذور آهن. هوڏانهن درويش فقيرياڻي جي سڙي فوت ٿيڻ واري واقعي تي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.