جوهي(رپورٽ:ايم بي ٻٻر)  جوهي  پوليس ڳوٺ الله بچايو  پنهور لڳ بائيو ڪمپني وٽ  ڦر جي  ارادي سان بيٺل 3 ڦوروئن سان مقابلي بعد هڪ ڦورو کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس  دعويٰ موجب ڦوروئن پوليس جي ڳاڏي کي پرائيوٽ گاڏي سمجهي روڪيو  جنهن تي پوليس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشيش ڪئي ته ڦورن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ شهداد ڪوٽ واسي ڦورو ذوالفقار کوسو  ٿڏي تي مارجي ويو،جڏھن تي ٻه ڦورو فرار ٿي ويا. پوليس پاران مارجي ويل ڦورو توڙي 2 نامعلوم ڦورن سميت 3 ڦوروئن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ٻي طرف پوليس پاران ڦورو ڄاڻائي ماريل ذوالفقار کوسو جي چاچي ۽ ٻن ڀيڻن پري،شهگل تعلقي اسپتال جوهي پهچي ماتم ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته 6 ٻارن جو پيءُ ذوالفقار کوسو ڪراچي ۾ ڪمائييندو هو،  ميڊيا ذريعي خبر پئي ته کيس جوهي پوليس ماري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان کي وڏيرن ڌمڪيون ڏيندي چيو ته توهان ماٺ ڪري لاش کڻائي اچو، پر پوليس خلاف ميڊيا ۾ نه ڳالهائجو.