بوگوٽا (م ڊ) ڪولمبيا صدر فلسطين سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ اتي سفارتخانو کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪولمبين صدر ڪولمبين اختيارين کي سفارتخانو رام الله ۾ کولڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪولمبين صدر گذريل سال فلسطيني سفير رئوف المالڪي کي پنهنجي ارادي کان آگاهه ڪيو هو، جڏهن ته ڪولمبيا هلندڙ مهيني اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ڪولمبين صدر غزا ۾ اسرائيلي ڪارروائين کي نشل ڪشي قرار ڏنو هو ۽ اسرائيل خلاف ڪارروائي جو مطالبو به ڪيو هو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسپين، ناروي ۽ آئرلينڊ به فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.