ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل  لڳ  ڊرٻ ميهر شاھ واسي نوجوان جنسار اڄڻ گذريل 5 سالن کان بيماري جي بستري تي پيل آھي ۽ مسيحا جو منتظر آھي، نوجوان جي جسم تي زخم ٿيڻ  سبب هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويو آھي ،  شھر جي چوڪن چوراهن تي بي يارومددگار بيحسي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھي ،  نوجوان جنسار اڄڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 5 سالن کان جسم تي زخم ٿيڻ سبب پريشان آھيان زندگي مشڪل بڻجي وئي آھي غريب آھيان ڪير به علاج ۾ مدد نٿو ڪري ،  سنڌ حڪومت ۽ سرندي وارن کي اپيل آھي ته منهنجي حياتي بچائڻ لاءِ واهر ڪئي وڃي ته جيئن پيرن تي بيهي سگهان.