لنڊن: (دلچسپ نيوز) نئين تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪورونا وائرس اوهان جي دماغ کي به متاثر ڪري سگهي ٿو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڪورونا وائرس جي اثرن تي مختلف ملڪن ۾ تحقيق جاري آهي. هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪورونا وائرس نه صرف ڦڦرن، دل ۽ گڙدن کي متاثر ٿو ڪري پر هي دماغ کي به متاثر ڪري سگهي ٿو. برطانيه ۾ ٿيندڙ نئين تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري دماغي ٽشوز کان محرومي کي به منهن ڏئي سگهجي ٿو. جڏهن ته هن جي اثرن سبب سونگهڻ ۽ چکڻ جي حس کان محرومي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.