ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ايڪشن اسٽار اڪشي ڪمار ڀارت ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال دوران هڪ ڪروڙ رپين جي مالي امداد پيش ڪري ڇڏي.اڪشي ڪمار اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ سياستدان گوتم گنڀير جي فائونڊيشن کي ڪورونا خلاف قدمن لاءِ هڪ ڪروڙ ڀارتي رپين جي مالي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. گوتم گنڀير ٽوئيٽر تي اڪشي ڪمار جا ٿورا مڃيا آهن، جڏهن ته سوشل ميڊيا واهپيدار پڻ اڪشي ڪمار جي اهڙي عمل جي واکاڻ ڪري رهيا آهن.