ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ دهشتگردن جو سڪيورٽي فورسز تي حملو، ايف سي بلوچستان جا 4 جوان شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر تصديق ڪندي چيو آهي ته، سڪيورٽي اهلڪار مارگٽ مائنز جِي سڪيورٽي تي مقرر هئا، جن تي حملو ڪيو ويو، شهيد اهلڪارن ۾ صوبيدار سردار علي خان، 3 سپاهي مُصدف حسين، اويس خان ۽ محمد انور شامل آهن، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جا ناپاڪ عزم ناڪام بڻائي ڇڏيا.